جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل طور ميانمار ۾ فوج جي قيادت ۾ اقتدار جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪندو. آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ميانمار ۾ فوجي اقتدار کي ناڪام بڻائڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ سمورن اهم اڳواڻن ۽ عالمي برادري کي ميانمار تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته ميانمار ۾ نومبر ۾ ٿيل چونڊن بعد نتيجا نه مڃڻ ۽ فوج جو اقتدار تي قبضو ڪرڻ قطئي طور ناقابل قبول آهي.
