ينگون (ويب ڊيسڪ) ميانمار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ فوجي بغاوت خلاف احتجاج ڪندڙ وڌيڪ 18 ڄڻا مارجي ويا آهن. رپورٽن مطابق سيڪيورٽي فورسز فوجي بغاوت خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 18 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي ينگون جي ٻن علائقن ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ مختلف شهرن ۾ هن وقت به فوجي بغاوت خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري آهي.
