33

ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف مظاهرا، فورسز پاران ڪريڪ ڊائون، 2 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، سوين گرفتار

ميانمار (ويب ڊيسڪ) ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز سندن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي مٿن شيلنگ ۽ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ احتجاجن تي پوليس ڪڙڪي پئي، مظاهرين مٿان شيلنگ ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ان دوران سوين مظاهرين کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو