ميرپورخاص (بيورورپورٽ ) ميرپورخاص جي علائقي حميد پوره ڪالوني ۾ گھر کي باهه لڳڻ سبب ڪمري ۾ سُتل 50 ورهين جو معين الدين پٽ پروفيسر معراج الدين (مرحوم) سڙي فوت ٿي ويو، باهه لڳڻ جي اطلاع تي فائربرگيڊ عملي وقت سر پهچي لڳل باهه تي ظابطو آڻي ڀرپاسي جي گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، پوليس فوتي جو لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو جتان ڪاغذي ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، وارثن موجب سيءُ کان بچڻ لاءِ ڪمري ۾ هيٽر ٻاريل هو جنهن مان باهه هنڌ کي لڳي، ڪمرو مٿين منزل تي هجڻ جي ڪري اسان کي دير سان خبر پئي ،ڪمري مان دونهن نڪرڻ جي ڀر وارن اطلاع ڏنو ، جنهن تي فائر برگيڊ جي عملي کي طلب ڪيو جنهن پهچي باهه کي وسايو ۽ لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو.
