ليکڪ: شاهد ڪيهر
ٿڌين هوائن، انبن جي باغن جي حوالي سان مشهور ساڍا 7 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ سنڌ جو چوٿون نمبر وڏو شهر ميرپورخاص وڏي عرصي کان ننڌڻڪو بڻيل آهي، 18 آگسٽ 1806ع تي هي شهر ميرن ٻڌرايو ۽ هن وقت ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت رکي ٿو، هي شهر ڪامورن جي نااهلي ڪري کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، شهر جا 90 سيڪڙو روڊ اکڙي ويا آهن، گهٽيون ۽ مک روڊ به ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب وقت کان اڳ تباهه ٿي ويا آهن، 2020ع وارين گذريل تيز طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ هن شهر جي تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر جي ٻيهر تعليم لاءِ وڏا وڏا اعلان ته ٿيا، پر اهي اعلانن کان اڳتي وڌي نه سگهيا، برساتن کي 4 مهينا گذرڻ باوجود شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته تعلقي سنڌڙي سميت مختلف علائقن مان هن وقت تائين به برساتن جو پاڻي به نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ۽ اتي ڪڻڪ سميت ٻين فصلن جي پوکائي به نه ٿي آهي، جنهن سبب مقامي آبادگار ۽ پورهيت سخت پريشاني جو شڪار آهن، هوڏانهن ميونسپل ڪاميٽي ميرپورخاص جي ڪامورن جي دلچسپي نه هجڻ سبب شهر جو ڊرينيج ۽ صفائي جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي، هر طرف گندگي جا ڍير لڳل آهن، مک روڊن تي پيل گند جي ڍير مان هر وقت بدبوءِ ايندي رهي ٿي، بلديا ۾ شهر ۾ صفائي جي حوالي سان سون جي تعداد ۾ عملو هجڻ باوجود هر گهٽي روڊ ۽ مک رستا گندي پاڻي ۾ ٻڌل آهن، صفائي تي مقرر ڪيل عملو سينيٽري انسپيڪٽرن سان ملي ڀڳت سبب ويزا تي ويل آهي، جڏهن ته ڪروڙين رپين سان تعمير ڪيل روڊن، رستن ۽ فوٽ پاٿن تي مٽيءَ جا ڍير پيا آهن، جنهن سبب گاڏين جي گذرڻ دوران رستن تان ڌوڙ اڏامي ماڻهن جي ڦڦڙن تائين پهچي وڃي ٿي ۽ بيماريون جنم وٺي رهيون آهن، اربين رپين جي لاڳت سان شهر ۾ قائم ڪيل واٽر سپلاءِ اسڪيمون به بي ڌياني جي ور چڙهي ويون آهن، شهر کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر سپلاءِ اسڪيمن ۾ پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪيميڪلز به استعمال نه پيا ٿين ۽ جعلي بلن ذريعي اهو سامان به عملو ۽ ڪامورا هڙپ ڪري رهيا آهن، علائقن ۾ صفائي بنا گٽر مليل پاڻي عوام کي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو وڃي ٿو، سيٽلائيٽ ٽائون واٽر سپلاءِ اسڪيم کي پاڻي فراهم ڪندڙ جر واري شاخ جي ڪپرن تي قبضا مافيا گهر ۽ دڪان اڏي ڇڏيا آهن، شاخ جي ڪپرن تي اڏيل هوٽلن، گهرن ۽ مرغي وڪرو ڪندڙن سميت گاڏين جي سروسز اسٽيشن جو گندو پاڻي شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي پاڻي وري شهرين کي پيئڻ لاءِ ملي رهيو آهي، شڪايتن تي ڪيترائي ڀيرا شاخ تي نالي ماتر آپريشن ڪري هوٽلون ۽ دڪان آجا ڪرايا ويا پر ڪجهه ڏينهن بعد ٻيهر قبضا ٿيڻ معمول بڻيل آهن، تازو اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل پاران جر واري شاخ تان قبضا ختم ڪرائڻ جي واضح حڪم باوجود به انتظاميا قبضا مافيا خلاف ڪو تحرڪ ناهي ورتو.جڏهن ته شهر کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ايسٽ جمڙائو ڪئنال تي قائم ڪيل واٽر سپلاءِ اسڪيم مان شهر کي پاڻي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ وڇايل لائينن مان مختلف ماڻهن لائينون ٽوڙي پاڻي چوري ڪرڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو ختم ناهي ڪرايو ويو جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي وارين لائينن مان غيرقانوني طور نين ڪالونين کي پاڻي ڏيڻ سان به بحران پيدا ٿئي ٿو، هر سال ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ شاخن جي کوٽائي ۽ ڀل صفائي لاءِ ٿيندڙ وارابندين وارن ڏهاڙن هفتن جا هفتا عوام کي پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي، ڪروڙين رپين جا فنڊ ۽ پاڻي اسٽاڪ ڪرڻ جي صلاحيت هئڻ باوجود ضرورت مطابق پاڻي گڏ نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته بنديءَ وارن ڏينهن ۾ بحران وقت عوام کي پاڻي ڏيڻ بدران ٽينڪر مافيا کي پئسن عيوض پاڻي ڏنو وڃي ٿو. جيڪي شهرين کي ڳري رقم قيمت تي پاڻي ڏيڻ ٿا، بلديا جون فائر برگيڊ گاڏيون به پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو وڃن ٿيون، انهن ۾ تيل ته سرڪار جو استعمال ٿئي ٿو پر پئسا ڪامورا عوام ۽ سرڪار ٻنهي مان ڪڍن ٿا، هن شهر جا رهواسي ڄاڻايل مسئلن جي حل لاءِ مسيحا جا منتظر آهن.