57

ميرپورخاص ڀرسان ٻن اسڪوٽرن وچ ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 3 زخمي، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن. ميرپورخاص ڀرسان ميرواهه گورچاڻي روڊ تي لغاري پيٽرول پمپ لڳ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار محمد حيات، سندس 2 پٽ سليم حيات ۽ بلال حيات جڏهن ته ٻي موٽر سائيڪل تي سوار عطامحمد ۽ نواز عرف جاني زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص نيو پئي ويو ته بلال حيات ۽ عطا محمد زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته زخمين سليم حيات، محمد حيات ۽ نواز عرف جاني کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جتان محمد حيات جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ جي ڪري کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، پوليس حادثي واري جاءِ تي پهچي ٻنهي موٽرسائيڪلن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته فوتين جا مڙھ قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو