110

ميرپورساڪرو ويجهو مڇي جي شڪار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ نوجوان قتل

ميرپورساڪرو (ويب ڊيسڪ) ڳاڙھي ڀرسان ڪنڊ نالي وٽ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ مڇي جي شڪار تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو نوجوان ولي محمد پنڀر ملاح سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ اسپتال نيو پئي ويو ته ھُو زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر ور کڻائي آئي، جتان پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش ڳوٺ طرف کڻائي روانا ٿي ويا، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول ولي محمد پنڀر کي اتان مڇي مارڻ کان اڳ به روڪيو ويو ھو، فوتي جو تعلق ڳاڙھي ڀرسان ڳوٺ عبدالله خليفي سان ٻڌايو وڃي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو