5

ميرپورماٿيلو ويجهو نوجوان ڪهاڙيون هڻي قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، نيشنل هاءِ وي بلاڪ

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: تاج ٽانوري) ميرپورماٿيلو ويجهو ريتي ٿاڻي جي حد ۾ شر برادري جي ماڻهن لٺين ۽ ڪھاڙين جا وار ڪري لاشاري برادري جي نوجوان شاھد ولد شھمير کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، سکر نيندي نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد مقتول جي وارثن  ايس ايس پي جي آفيس اڳيان لاش رکي نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، مقتول ڌر جي ماڻهن شهمير لاشاري، ڏاڏو لاشاري، رشيد لاشاري، وقار لاشاري ۽ ٻين ميڊيا آڏو داهيندي چيو ته ڪجهھ مھينا اڳ ريتي ٿاڻي جي حد ۾ رشيد لاشاري جي گھرواريءَ مسمات زينت کي شر برادري جي ماڻهن غفار شر، رياض شر، ممتاز شر ۽ ٻين گھر ۾ گھڙي اغوا ڪري ساڻس نڪاح مٿان نڪاح وڌو جنھن جي خلاف اسان عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي جنھن تي اسان کي شر برادري جا ماڻهو ڌمڪيون ڏيندا ھئا. گذريل ڏينهن نوجوان شاھد ولد شھمير لاشاري کي شر برادري جي غفار شر، رياض شر، وسند شر سميت 8 ماڻهن لٺين ۽ ڪھاڙين جا وار ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ کيس سکر ريفر ڪيو پئي ويو ته ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.  هنن چيو ته شر برادري جي ماڻهن اسان جو ڪونڌر نوجوان قتل ڪيو آهي پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران جوابدارن سان ٻٽ ٻڻيل آهي. ھنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري کين جلد گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو