ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميھڙ جي مين روڊ ۽ سنڌ بئنڪ ڀرسان پنهنجي موٽرسائيڪل شوروم تي ويٺل واپاري خان محمد عرف گل منير پٺاڻ کي ٻه نامعلوم هٿياربند گوليون هڻي فرار ٿي ويا، زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو، جيڪو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، پوسٽ مارٽم لاءِ لاش تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، جتي سوين شھري ۽ واپاري پھچي ويا. جڏھن ته اسپتال ۾ موجود فوتي خان محمد پٺاڻ جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي، اسين 30 سالن کان ميھڙ شھر ۾ رھون ٿا اسين ڪاروباري ماڻھون آھيون، جڏھن ته مين روڊ ٽن بئنڪن جي سامھون سنڌ بئنڪ سان لڳ موٽرسائيڪلن جي شوروم تي ٻه ماسڪ پاتل ھٿياربند حملو ڪري پسٽل سان فائرنگ ڪري سرعام خان محمد پٺاڻ کي گوليون ھڻي فرار ٿي ويا آھن، اسان سان ظالمن ظلم ڪيو آھي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي اسپتال ۾ موجود ڊيوٽي، ڊاڪٽر ٻڌايو ته پسٽل جون ٻه گوليون ويجھي کان لڳل آھن، جنھن سبب گھڻو خون وھڻ جي ڪري فوت ٿي ويو آھي. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته جوابدارن حملو ڪري خان محمد پٺاڻ کي قتل ڪيو آھي وڌيڪ بئنڪن مان سي سي ٽي وي ڦوٽيج ۽ شفاف نموني جاچ ڪري جوابدارن جي ڳولا ڪري رھيا آھيون واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.
