19

ميڊيا اٿارٽي بل خلاف صحافين جو آواز ٻڌڻ گهرجي…

ايڊيٽوريل

ميڊيا اٿارٽي بابت بل خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي سميت سموري مخالف ڌر صحافين سان گڏ بيهي وئي آهي، مخالف ڌر ميڊيا اٿارٽي بابت بل خلاف صدر جي خطاب دوران پارليامينٽ ۾ سخت احتجاج ڪندي اسپيڪر  جي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو ۽ پوءِ  واڪ آئوٽ پڻ ڪيو. ان سلسلي ۾ مخالف ڌر  سومر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي خطاب دوران ميڊيا اٿارٽي بابت بل خلاف سخت پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪر  جي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ مخالف ڌر ايوان مان واڪ آئوٽ پڻ ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو، مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز  شريف، اسفنديار ولي ۽ ميمبرن  پارليامينٽ ٻاهران پاڪستان يونين آف جرنلسٽس جي انتظام هيٺ لڳل احتجاجي ڌرڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي . ان کانسواءِ پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان پڻ ڌرڻي ۾ پهچي ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن حڪومت ميڊيا اٿارٽي بل زوري منظور ڪرايو ته عدالت ۾ وينداسين، هن چيو ته جن صحافين تي حملا ٿيا جيستائين اهي مطمئن نه ٿيندا تيستائين اسان به مطمئن نه ٿينداسين، تاريخ ۾ ايتري غير فعال پارليامينٽ ڪڏهن نه ڏٺيسين، هاڻوڪي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر کي ته ڳالهائڻ به نه ٿو ڏنو وڃي، شڪ آهي ته حڪومت پارليامينٽ جي ڪنهن گڏيل اجلاس ۾ ميڊيا اٿارٽي وارو بِل پاس ڪرائيندي، اڄ صحافت جي آزادي ۽ ڪڍيل 20 هزار ملازمن جي حق لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪنداسين، بلاول ڀٽو  نوڪرين مان نڪتل ملازمن جي احتجاج ۾ پڻ شريڪ ٿيو جتي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت ملازمن کي هٽائي نه رڳو 20 هزار ڪٽنبن جو معاشي قتل ڪيو آهي پر  جمهوريت تي پڻ ڌاڙو هنيو آهي، حڪومت کي ڪنهن جي به روزگار تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. اسين اهي ماڻهو آهيون جن چيف جسٽس افتخار چوڌري کي به پارليامينٽ مان بحال ڪرايو ۽ جن کي عمران خان بيروزگار ڪيو آهي انهن کي پڻ ان ئي پارليامينٽ مان بحال ڪرائينداسين. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته پي ايم ڊي اي جي ڪاري قانون جي مذمت ڪريون ٿا، اهو ڪارو قانون ڪڏهن به پاس ٿيڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم جو سموريون پارٽيون صحافين سان گڏ آهن. اپوزيشن اڳواڻ چيو ته ميڊيا جي آزادي لاءِ ميڊيا پاڻ جنگ وڙهي آهي، اهو ڪارو قانون پاس ڪرڻ جو نه حڪومت ۾ دم آهي نه ئي اسان ايئن ٿيڻ ڏينداسين، حڪومت صحافين خلاف ڪارو قانون لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري. اي اين پي جي اڳواڻ اسفنديار ولي چيو ته حڪومت ميڊيا کي زنجيرن ۾ ٻڌڻ گهري ٿي. ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال خطاب ڪندي چيو ته ميڊيا جي آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان سمجهون ٿا ته هن کان اڳ به ميڊيا تي ڏکيا ڏينهن اچي چڪا آهن ۽ اهڙي ڪوشش هر وقت ٿيندي رهي آهي ته جيئن ميڊيا جو آواز دٻايو وڃي، خبر نٿي پوي ته آخر اهو سڄو عمل ڇو پيو ڪيو وڃي، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي هاڻ اهڙو بل واپس وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي دامن تي ميڊيا مٿان پابندين جو داغ نه لڳائي ته بهتر ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو