ڪراچي (نمائندن وٽان) رات دير تائين ميونسپل ڪميٽي جي ڪل 354مان 271 ۽ ٽائون ڪميٽين جي جنرل ميمبرن وارين 694 مان 448 سيٽن جا غيرسرڪاري نتيجا اچي ويا، مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ پيپلز پارٽي ميدان ماري ورتو، ميونسپل جي 215 ۽ ٽائون ڪميٽين جي 406 سيٽن تي ڪامياب، ميونسپل ڪميٽي جي 17 سيٽن تي جي ڊي اي، 16 تي آزاد ۽ 13 سيٽن تي پي ٽي آءِ جا اميدوار ڪامياب ،رات دير تائين ووٽن جي ڳڻپ جاري، ٽائون ڪميٽين جي جنرل ميمبرن وارين سيٽن مان 59 سيٽن تي آزاد، 54 سيٽن تي جي ڊي اي، 9 تي پي ٽي آءِ، 7 تي جي يوآءِ ۽ 12 سيٽن تي مختلف پارٽين ۽ گروپن جا اميدوار ڪامياب ٿيا، ميونسپل ڪيميٽن جي 18 سيٽن تي جي ڊي اي، 17 تي آزاد، 13 تي پي ٽي آءِ ۽ 6 سيٽن تي جي يو آءِ ڪاميابي ماڻي، پيپلز پارٽيءَ ضلع ڪائونسل جي ميمبرن جون 26 سيٽون پڻ حاصل ڪري ورتيون، پيپلز پارٽي ميرپور خاص ضلعي ۾ ٽائون ڪميٽين جي ڪل 69 سيٽن مان 53 ، خيرپور جي 145 سيٽن مان 103 سيٽن جي آيل نتيجن موجب پيپلز پارٽي 69 سيٽون حاصل ڪري ورتيون، نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري، سکر جي ڪل 17 مان 12 سيٽن جي آيل نتيجن موجب پيپلز پارٽي 7، آزاد 2، پي ٽي آءِ 2، جي ڊي اي هڪ سيٽ حاصل ڪئي، شڪارپور جي 32 مان 14 پ پ ، 7 آزاد ، 4 جي ڊي اي ۽ 3 جي يو آءِ ماڻيون پهرئين مرحلي هيٺ گهوٽڪي، سکر، خيرپور، جيڪب آباد، ڪشمور، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، شڪارپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ چونڊون ٿيون.
