85

نئون ڪوٽ ۾ سخت سيءَ سبب ٽماٽن جو 50 سيڪڙو فصل تباهه

نئون ڪوٽ (ن سوڀ) نئون ڪوٽ ۽ ڀرپاسي روشن آباد، نفيس نگر، فضل ڀنڀرو توڙي ٿرپارڪر جي بئراجي پٽي تي ھزارين ايڪڙن تي پوکيل ٽماٽن جو فصل سيءَ جي لھر تباھه ڪري ڇڏيو، سروي موجب ڄاڻايل علائقن ۾ آڳاٽو برسات کان بچي ويل ٽماٽو 95 سيڪڙو جڏهن ته برسات بعد پاڇاٽو پوکيل ٽماٽو لھڻ کان اڳ 50 سيڪڙو سخت سردي جي سٽ نه سھندي ختم ٿي چڪو آهي، جنھن سبب ٽماٽو پوکيندڙ زميندارن کي ڪيل خرچ ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، سبزي مارڪيٽ جي ذريعن موجب ٽماٽر جو فصل ختم ٿي وڃڻ سبب ھن وقت مارڪيٽ ۾ مال وڌيڪ اچي رھيو آهي پر ٻن ھفتن بعد ٽماٽا ختم ٿيڻ سبب ٽماٽي جي وڏي کوٽ پيدا ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو