فائرنگ 31

نائجر ، اڻ ڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب 19 ماڻهو مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا

 نيامي  (ويب ڊيسڪ) اولهه آفريقي ملڪ نائجر جي ضلعي بني بينگو جي هڪ ڳوٺ ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب 19 ماڻهو مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن . چيني سڌ سماءِ جي ذريعن موجب نائجر جي گهرو وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اڻ ڄاتل ماڻهن جو گروپ مالي سان گڏ سرحد ويجهو اولهه علائقي ٽلا بيري جي هڪ ڳوٺ ديئي ڪوڪو ۾ حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 19 ماڻهو مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته هڪ شخص گم آهي . حملي ڪندڙن جي ڳولاءِ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو