233

نائيجر ۾ پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي سان وفد جي ملاقات، نوجوانن جي ڀلائي لاءِ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار تي اتفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نائيجر ۾ پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي سان نائجير جي نوجوانن جي ترقي ۽ ڀلائي جي ايسو سي ايشن جي وفد ملاقات ڪري مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار تي اتفاق ڪيو. يوٿ ايسو سي ايشن  فار ڊيولمپنٽ اينڊ ويل بينگ جي وفد، پاڪستان جي سفارتخاني ۾ سفير احمد علي سروهي سان ملاقات ڪئي. وفد جي سفارتخاني پهچڻ تي پاڪستان جي سفير سندن آڌرڀاءَ ڪيو. ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هنن نائجير جي نوجوانن جي ترقي ۽  تربيت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي  وفد کي بريف ڪيو ته پاڪستان جي سفارتخاني  گريجوئيٽس لاءِ  انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيو آهي، ان حوالي سان  گريجوئيٽس کي تربيت فراهم ڪئي ويندي، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جا ورڪشاپ ڪيا ويندا. هن چيو ته اسٽريٽ چلڊرين لاءِ  اسڪول قائم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته باصلاحيت نوجوانن لاءِ  ڪيترائي اسڪالرشپس جا پروگرام شروع ڪيا ويا آهن. وفد  پاڪستان جي سفارتخاني پاران  ڪيل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن خاص ڪري نائيجر  جي نوجوانن   جي ڀلائي کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي. سفير ،  وفد جي آڇ جو آڌرڀاءَ ڪيو ۽ مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو