پي ٽي آءِ پاران انٽرا پارٽي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) انٽرا پارٽي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي تازي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ پارٽي چيئرمين عمران خان جي جاءِ تي بئريسٽر گوهر علي خان کي چيئرمين ۽ عمر ايوب کي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو آهي. |