51

ناميارو تعليمدان ۽ اڳوڻو وفاقي وزير محمد يوسف شيخ ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو

نوابشاهه  (بيورو رپورٽ) ناميارو تعليمدان، اڳوڻو وفاقي وزير ۽ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز جو پرنسپال محمد يوسف شيخ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پرنسپال محمد يوسف شيخ کي ڏھين نومبر تي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ھئي، کيس ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ھو، جتي هن دم ڏنو. ناميارو تعليمدان محمد يوسف شيخ مشرف جي دور ۾ وفاقي وزير رھي چڪو آهي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسپال جون ذميواريون پڻ سنڀالي چڪو هو ، جڏهن ته هو ٽن سالن کان ملڪ جي پھرين نياڻين جي ڪيڍٽ ڪاليج فار گرلز جو پرنسپال مقرر ٿيل هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو