8

نظرانداز ٿيل سنڌ جي زراعت ۽ هارين جي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ

“راز”علي گل ڀٽو

١٩٧٧ع کان پوءِ جڏھن ملڪ جو اختيار سرمائيدار اقليت ۽ڪامورا شاھيءَ جي ھٿن ۾اچي ويو ته ملڪ جي 80 سيڪڙو آمدني جيڪا زراعت مان پيدا ٿي رهي هئي، اها سرمائيڪاري، ڪارخانيداري ۽ شھري ترقيءَ تي خرچ ٿيڻ لڳي ۽ ملڪ سان گڏ سنڌ جي زراعت کي يڪسر نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو ويو، سنڌ جي وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن کي به اٽڪل سان ننڍيون صنعتون ڏئي سرمائيداري ڪنوار سان ريجھايو ويو، جنھن ڪري سنڌ جي وڏن زميندارن به زراعت سان ٿيندڙ زيادتين کان گھڻي ڀاڱي منھن موڙي ڇڏيو، سنڌ ۾ھونئن به ننڍو ۽ وچولو زميندار نه ھجڻ جي برابر آھي، باقي سنڌ جي آباد ۽ غير آباد سموري زمين ڪجهه جاگيردارن ۽ سردارن جي ملڪيت آھي، ١٩٧٠ع واري ڏھاڪي ۾جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي زرعي اصلاحن کان پوءِ ھيل تائين انھن زرعي سڌارن کي مضبوط ڪرڻ بدران ڪمزور ڪري ذري گھٽ ختم ئي ڪيو ويو آھي، جاگيرداري ۽ سرداري اڳي کان وڌيڪ مضبوط ۽ عام ماڻھو لاءِ خطرناڪ ٿي وئي آھي، سنڌ جي اڪثريتي غريب عوام جو ٻھراڙين جي حد تائين سڌو ۽ اڻ سڌو روزگار زراعت ۽ زمين سان سلھاڙيل آھي، پر ضياءُالحق جي مارشل لا واري دؤر ۾ زرعي سڌارن تي اڻ اعلانيل طور تي ڄڻ پابندي ھنئي وئي، زميندار ۽ جاگيردار پلاند طور مختلف طريقن سان ورھايل زمين تي قابض ٿيندا ويا، ھاري حقدار ويچارا ڪجهھ نه ڪري سگھيا ۽ بيوس رھيا، ڇو ته ھر زميندار ۽ جاگيردار جو ھر جابر حڪمران ڀرجھلو ھوندو آھي، ان ڪري کين ڪوبه چوڻ وارو ڪونه ھو، ڪجهھ قبضا، ڪجهھ ٻناسوري ۽ ڪجهھ وري زبردستي خريد ۽ وڪري غريب ھارين کي بي زمين ڪري ڇڏيو، ڇو ته ڏاڍن مڙسن کي ڪو چوڻ وارو ڪونھي، زمين جي ٿورن گھڻن ٽڪرن جي ھٿن مان نڪري وڃڻ کان پوءِ ھاري ۽ زرعي پورھيت ڏکيا ڏينھن ڏسڻ لڳا،( ان کان اڳ ھاري ھر ھلائي پوک ڪري ڀاڄي ڀتيءَ جا ٽڪرا ڪاھي گذر سفر ڪندا ھئا) ۽ ملڪ جي زرعي بيروزگارن جي وڏي آبادي پريشانين جي ور چڙھي وئي، ملڪ جي زراعت کي ھيٺين ڳالھين ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي، ھڪ ته زمين جو کيڙڻ وارن ھٿن مان نڪري مزدورن ۽ مشينن جي حوالي ٿيڻ، ٻيو زراعت ۽ زرعي اپت کي سرڪاري سرپرستي نه ھجڻ ڪري صحيح اگهھ نه ملڻ، ٽيون زراعت ۾ ڪتب ايندڙ شين جا اگهھ تيزيءَ سان وڌڻ، جھڙوڪ ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون، زراعت ۾ ڪم ايندڙ مشينري وغيره، چوٿون ٻج، ڀاڻ ۽زرعي دوائن جو ڪريل معيار يعني خالص نه ھجڻ، پنجون ھاري ۽ مارڪيٽ جي وچ ۾ آڙھتيءَ جو ڦر لٽ وارو ڪردار، ان کان سواءِ معاشي ۽ سماجي وڇوٽي جي واڌاري جي ڪري ٻھراڙين کي ترقيءَ جي معاملي ۾ نظرانداز ڪرڻ، جيئن روڊ رستا، سٺا اسڪول، سٺيون اسپتالون، مواصلات جي اڻ ھوند، مٺي پاڻيءَ جي پھچ، گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ امن امان جي خراب صورتحال ۾داد فرياد نه ٿيڻ ڳوٺاڻي ۽ ھاريءَ کي ابتو سوچڻ تي مجبور ڪيو،سماجي ۽ معاشي عدم مساوات به زراعت جي لڏندڙ ٻيڙيءَ ۾وڏو سوراخ ڪيو، وقت سر سٺو علاج، بھتر تعليم سان گڏ امن امان جي تلاش ٻھراڙيءَ جي ھاريءَ کي شھرن ڏي ھجرت ڪرڻ تي اتساهيو.

جڏھن آمدني ۽ خرچ جو  توازن گھڻو گھٽ وڌ ٿيو ته جنھن ھاريءَ وٽ ويسو، جريب يا ايڪڙ زمين جو ھو، تنھن اھو کپائي بھتر مستقبل جي آس ۾ شھر جو رخ ڪيو، جنھن ڪري زمين ماھر ڪمانگرن کان محروم ٿيڻ لڳي، ان سان اوچتو جھجھي تعداد ۾ ٻھراڙين کان لڏپلاڻ جي ڪري شھرن تي بي ترتيب آباديءَ جو دٻاءَ پيو، جنھن سان شھري روزگار جي وسيلن تي به دٻاءُ پيو ۽ مسئلن ۾ به واڌ ٿي، شھري ۽ ٻھراڙين کان آيلن جي رلي ملي نه سگھڻ ڪري ڪافي سماجي مسئلا به پيدا ٿيا، شھرن جي سانت ۽ ترقياتي اڏاوت به ڏاڍي متاثر ٿي، زرعي بيروزگارن جي ھڪ ھجوم جو ٻھراڙين کان شھرن ڏي منتقل ٿيڻ سان هڪ طرف شھري وسيلن تي بار پيو ۽ ته ٻئي طرف ٻهراڙين ۾ زرعي اپت ۾به وڏي گھٽتائي آئي، جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڪپهھ جي کوٽ کي منھن ڏئي رھيو آھي، اھي سڀ حالتون سرمائيدار ۽ ڪارخانيدار وڏي رٿابنديءَ سان پيدا ڪري رھيو آھي، جڏھن ته زرعي مزدور بيوس، وائڙو آهي ۽ حڪومت وري زراعت کي بنا ڪنھن رٿا بنديءَ جي عارضي ٽوٽڪن تي ھلائي رھي آھي، ان حالت ۾ ڪجهھ زرعي شيون ناياب ٿي مھانگيون ٿيڻ واريون آھن، جنھن سان زراعت ھڪ ٻئي بحران کي منھن ڏيندي، شين جي کوٽ جو سڌو سنئون فائدو سرمائيدار کي ٿئي ٿو ۽ انھن جي ئي حڪومت آھي، زراعت جي بحران سان زرعي ھنرمند بيروزگار ٿي شھرن جو رخ ڪن ٿا، جنھن سان سرمائيدار ۽ ڪارخانيدار کي سستن مزدورن جي آبادي دروازي تي ملي وڃي ٿي، جيڪڏھن ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي ھلائڻو آھي ته حڪومت کي زراعت لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا، جنھن ۾ ھڪ ته شھرن ۽ ڳوٺن ۾ سماجي ۽ معاشي سڌارا آڻي رھڻي ڪھڻيءَ جي فرق کي گھٽائڻو پوندو، ٻيو زراعت تي خصوصي امدادي رقمون آڙھتين ۽ ڪارخانيدارن بدران سڌو سنئون ھارين ۽ ننڍن زميندارن کي ڏيڻ گھرجن، سرڪار کي فصلن جا امدادي اگھه پوکائي وقت مقرر ڪرڻ گھرجن، جيڪڏهن حڪومت ائين نه ڪيو ته ھڪ اھڙو زرعي بحران ايندو، جو جنسن جي کوٽ ڪري ڪارخانيدارن جا ڪارخانا به ھلي نه سگھندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو