160

نظرثاني ڪيس: وڪيل بيمار هجڻ سبب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڻ دليل ڏنا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڻ دليل ڏنا. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني لارجر بئنچ ڪئي. وڪيل منير اي ملڪ جي بيمار هجڻ سبب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏنا ۽ چيو ته هو نٿو چاهي ته ڪو ٻيو ساٿي ڪيس جي خاتمي تائين بئنچ تان رٽائر ٿي وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ريفرنس پبلڪ ٿيڻ کانپوءِ منهنجي گهر واري ۽ مون تي تنقيد ڪئي وئي، اسان 2019ع کان مشڪل ۾ آهيون، هي جج، سپريم جڊيشل ڪونسل ۽ حڪومت ٽنهي جي ڪنڊڪٽ جي شفافيت جو معاملو آهي. هن چيو ته منهنجي درخواستن جو تعلق سپريم جڊيشل ڪونسل سان آهي، ملڪ جي سربراهه ريفرنس چيف جسٽس پاڪستان کي اماڻيو، ريفرنس ملڪ جي اعليٰ عهديدارن وچ ۾ هو ته پبلڪ ڪيئن ٿيو؟ حڪومت هن وقت تائين ريفرنس پبلڪ ٿيڻ تي ڪا وضاحت ناهي ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو