175

ڪڍڻ ۾ 66 هزار ڪي وي جا ٿنڀا هفتي کان ڪريل، شهرين جو 3 ڪلاڪ ڌرڻو

ڪڍڻ ۾ 66 هزار ڪي وي جا ٿنڀا هفتي کان ڪريل، شهرين جو 3 ڪلاڪ ڌرڻو

ڪڍڻ (ن سوڀ) ڪڍڻ ۽ ڀرپاسي 66 هزار ڪي وي جا ٿنڀا هفتي کان ڪري پيل هجڻ تي رهواسين حيسڪو خلاف احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو. پريس ڪلب ڪڍڻ اڳيان 3 ڪلاڪ ڌرڻي هنيوويو. ان موقعي تي مولوي الله بخش نوتيار، محمد جمن واھرو، گل محمد گرگيز، دلاور حسين خواجا، غفور چانڊيو، مير محمد بجير، رضا شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسين ھڪ ھفتي کان پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهيون، بجلي نه هئڻ سبب اٽي جي چڪيون نه  ھلڻ ڪري اٽي جي بحران کي منھن ڏئي رھيا آھيون ۽ مابائل فون سميت بجلي سان لاڳاپيل سڄو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي. رات جي وقت مڇرن جي آزار سبب شھري جاڳي گذارڻ  تي مجبور آھن. ڌرڻي سبب بدين ۽ علي بندر ايندڙ ويندڙ روڊ بند ٿي ويو. وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيھجي ويون. ايس ايڇ او حيسڪو اختيارين کي صورتحال کان آگاھ ڪري شھرين کي يقين ڏياريو ته ضلعي انتظاميا ۽ حيسڪو کي صورتحال کان آگاھ ڪري ڪوشش ڪري بجلي بحال ڪرائي ويندي، جنهن بعد شهرين ڌرڻو ختم ڪيو.

=

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو