19

ننڍي کنڊ جو عظيم شاعر کيئلداس”فاني“

ليکڪ: ڪشور هميراڻي

آدجگاد کان جذبن  ڪيفيتن ۽ اڌمن جو انساني زندگي جي ڪاروان تي وڏو اثر پئي رهيو آهي ۽ اهي جذبا ئي هميشه انساني زندگي جي مڪمل نموني سان عڪاسي پئي ڪندا رهيا آهن، انساني ڪيفيتون ۽ جذبا هر گهڙي هڪجهڙا به نٿا رهي سگھن ۽ رهڻ به نه کپن. هونئن عام انسانن جي ڀيٽ ۾ تخليقڪار  جن وٽ انهن جذبن کي اظهارڻ جو الڳ ڏانو هوندو آهي، جنهن کي حالتون گهڻو سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪنديون آهن، اهو زندگي جي انهن عجيب ۽ غريب ڪيفيتن، امنگن، مفروضن ۽ وارداتن کي تخيلي ماٽي منجهھ مهي جيئان ولوڙيندو آهي ۽ پنهنجي ڏات ۽ ڪلا جي ڪاريگري سان ڪمال جي ڪٺمال جوڙيندو آهي. شاعري ته ائين قديم زماني کان انهن اڌمن کي اظهار جو بھترين ۽ موثر ذريعو پئي رهي آهي، جنهن ۾ ترنم ۽ موسيقي جو زبردست سنگم هوندو آهي. ڪويتا (شاعري) ۾ جذبن جو ذڪر ڪندي ورڊس ورٿ هڪ هنڌ لکيو آهي ته “Spontaneous overflow of powerful feelings”  ”شاعري شاندار جذبن جي پاڻمرادي اڇل آهي“ نيو ايرا اسڪول کان ڪويتا جي ڪٺن پيچري تي سفر جي شروعات ڪندڙ جديد سنڌي شاعري جي شاعر ۽ شيخ اياز جي استاد کيئلداس فاني جي شاعري ۾ پُڻ انساني جذبن ۽ ڪيفيتن جو ڪجهھ نرالو اظهار آهي، جنهن لاءِ پاڻ شيخ اياز لکي ٿو ته ”فاني لفظن جو سنگتراش آهي. انهن کي گهڙي ڇلي، مهٽي سهٽي هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي، فانيءَ جون ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون، سندس لفظ خوبصورت ڄار آهن جن ۾ هو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو“ وقتي حالتون، لهجا ۽ رويا ماڻهو کي جھنجھوڙي ٽوڙي مروڙي ڇڏيندا آهن ۽ اهي حالتن جون ويساهه گهاتيون ۽ تاريخي ستم ظريفيون پنهنجي گهرائي سان ڪنهن حساس ڪوي جي تخليق تي پنهنجو ڀرپور اثر نروار ڪن ٿيون، جيئن پوءِ تيئن نت نيون ۽ انهن حالتن، ڀوڳنائن ۽ دردن جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ تخيلات سرجڻ تي مجبور ڪنديون آهن پر انسان به ڏاڍو آهي، انهن سڀني حالتن سان منهن مقابل ٿي جيئڻ جا نت نوان گس ڳوليندو رهندو آهي، کيئلداس فاني ان دور ۾ شاعري ڪئي جڏهن ننڍو کنڊ ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو هو، کيئلداس فاني ڪشنچند بيوس جي اثر هيٺ لکيو، فاني ٻولي سادي ۽ عام فهم استعمال ڪيائين،  فاني جي شاعري کان اڳ سنڌي شاعري تي ڌارين ٻولي جو تسلط مسلسل برقرار پئي رهندو آهي، جڏهن اها ئي شاعري سفر ڪندي فاني وٽ پهتي ته فاني ان شاعري کي مور جي پرن ۽ نج هٿ سان ڀريل هرمچي واري چني تي ٽانڪيل هيرن جيان نج اصلي لفظن جا جواهر ٽانڪي مقامي ۽ سادو بڻايو، فاني هٺ وڏائي طبقاتي نظام جي خلاف هو، وطن جنم ڀومي ڪنهن کي پيارا ناهن هوندا؟ ڀلا پکين کان به ڪڏهن پنهنجي آکيرن جو گس وڃائڻو، هي ته پوءِ به انسان هو، کيئلداس فاني پنهنجي نظم منهنجا وطن ۾ پنهنجي وطن جي سڪ، اڪير، تڙپ، رڃ سڃ جون سڀ کڙڪيون کولي ڇڏيون آهن، سال ۱۹۵۵ع ڌاري جڏهن عظيم شاعر شيخ اياز جي نظر مان سنڌو جو پرچو گذريو، جنهن ۾ ”فاني“جو نظم او منهنجا وطن ڇپيل هو جنهن کي پڙهڻ بعد اياز ابراهيم جويو کي خط لکي ٿو جيڪو ڪاڄ ڪڪوريا ڪاپڙي ۾ شامل آهي ان ۾ منهنجا وطن نظم بابت هيئن اظهاري ٿو ”اڄ سنڌو رسالو نظر آيو، ان ۾ کيئلداس ”فاني“ جو نظم او منهنجا وطن پڙهيم، ڇا ٻڌايان ته نظم پڙهي ڪهڙي حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن کنڀڙاٽين کان وٺي وچ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ مان ڇولين جي ڇوهه ۾ اڏامندو ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون، ڪن جا سڙهه ڦاٽي ويا هئا، ڪن جا تختا اڏامي ويا هئا، ڪي ڇتين ڇولين ڳڙڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفانن سان ٽڪر کائي رهيون هيون، ڪن جا همسفر هڪ ٻئي کي چنبڙي قدرت جي انڌڌنڌ حلمن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا ۽ ڪي دلشڪسته مسافر، ڪوئي چاڙهو نه ڏسي خود سمنڊ ۾ ٽپي رهيا هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا. اکين ۾ ڳوڙهن جهل نه ڏني. الا! اهي منهنجا پنهنجا هم وطن سنڌي هئا، جن جو مان ساحل تائين بيهي نظارو ڏسندو رهيو آهيان، انهن مان هڪ هو سنڌڙيءَ جو لاکيڻو شاعر کيئلداس”فاني“ جو فاني فقط پنهنجي نهٺائيءَ ڪري سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي دنيا ۾ ”باقي“ آهي، هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ اسان جو ايندڙ نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان پڙهندا رهندا،  زندگي جي پلئه جڏهن رڳو اداسين جا پاڇا پون ٿا، منهن تي چمڪندڙ چوڏس جي چنڊ باوجود اندر سارو اماسي ڪاريون راتڙيون بڻجي پوي زندگي جي پياس جيئن پوءِ تيئن ڊگهي ٿيندي وڃي تڏهن فاني جهڙي تخليقڪار جو جيءُ جُهري پوي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو گيت، جيت، آس، اميدون، پيار ۽ پريت سڀ اڌورا رهجي ويندا آهن، انساني وجود مڪمل هوندي به اڻ مڪمل لڳندو آهي ۽ انهي سڄي زندگي جو ڪاٿو ڪندي ڌرتي جو هي ڪوي به مڪملتا ۽ اڻ مڪملتا جي ٽواس تي ٽنگيل رهجي وڃي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو