84

نوابشاهه ۾ عدالتي حڪم تي پوليس جا ڇاپا، باندي بڻايل 32 هاري بازياب

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) سيشن جج شھيد بينظيرآباد جي حڪم تي بي سيڪشن ۽ بالو جا قبا ٿاڻي جي پوليس مختلف زميندارن جي زمينن تي ڇاپو ھڻي باندي بڻيل مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت 32 ھارين کي بازياب ڪرائي ورتو آھي، جن ۾ منظور ماڇي، سڪينه، علي غلام، ڪيول، مارسنگ، ڪيول، لال جي، شرمتي ۽ ٻيا شامل آھن، واضح رھي ته 3 ڏينھن اڳ سيشن جج شھيد بينظيرآباد جي عدالت کي گامون ڀيل ۽ مارو ڀيل درخواستون ڏنيون ھيون ته زميندار اسان جي 32 مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي زبردستي قيد ڪري مفت ۾ ڪم وٺي رھيا آھن، جنھن بعد پوليس عدالت جي حڪم تي ڪاروائي ڪرڻ کانپوءِ بازياب ٿيل 32 هارين کي ڦورٿ ايڊيشنل ڪورٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ھارين کي پنھنجي مرضي مطابق رھڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو