167

نواب ولي محمد ڀرسان روڊ حادثا، 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي، لاش اسپتال منتقل

نواب ولي محمد (ن سوڀ) نواب ولي محمد ويجهو قومي شاهراهه تي ٽيليفون ايڪسچينج وٽ خراب بيٺل ٽرڪ کي پٺيان ٻي ٽرڪ ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور محمد وسيم نيا فوت ٿي ويو ۽ ڪلينر بلاول نيا زخمي ٿي پيو، جنهن کي نواب ولي محمد پوليس ۽ موٽر وي پوليس تعلقي اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو، فوتي ڊرائيور ۽ زخمي ڪلينر مظفر آباد جا رهواسي آهن. ٻئي پاسي سرڪاري کوھ اسٽاپ وٽ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب 55 ورهين جو پيرسن قاسم اوٺو فوت ٿي ويو، جنهن کي پڻ تعلقي اسپتال قاضي احمد نيو ويو، جتان ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي دولتپور جو رھواسي آهي، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو