202

نواز شريف جو پاسپورٽ رد ڪرڻ جو اعلان، عمران خان استعيفيٰ نه ڏيندو، ڳالهين جا دروازا کليل آهن: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي  حڪومت نواز شريف جي پاسپورٽ جو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ ان کي نئون پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڳابپيل اختيارين کي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.  نواز شريف جي پاسپورٽ جو مدو 16 جنوري تي ختم ٿيندو.  وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پاسپورٽ رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير  شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته 16 فيبروري تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پاسپورٽ رد ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته چين، افغانستان ۽ ٻين ملڪن جي شهرين کي پهرين جنوري کان آن لائين ويزا جاري ٿيندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺندي ته ننڍي چونڊ ۾ به حصو وٺندي. ڳالهين جا دروازا کليل آهن.  هن وڌيڪ چيو ته سمورا چور پنهنجي چوري جو مال بچائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن ۽ اهي سڀ ئي پڌرا پڻ ٿيندا رهندا. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ليگل اسڪواڊ مقرر ڪيو ويندو. ڪنداسين.   ٻي پاسي وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه محمود قريشي ۽ خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو آهي ته مخالف ڌر هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ جي فورم کي پنهنجي ڪارن ڪرتوتن کي لڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته بدقسمتي سان ماضي جي حڪمرانن ادارن کي پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن جي ئي سهولتڪاري سان ناجائز دولت ملڪ کان ٻاهر کڻي ويا ۽ ملڪ کي غريب کان غريب تر ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سينيٽ جو اجلاس مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي گهرايو ويو آهي ان ۾ اسان جي ڪا ايجنڊا نه آهي، پي ٽي آءِ رڳو سوال ڪندي انهن کي جواب ڏيڻو پوندو، قانون ڪنهن جي ماتحت نه آهي سڀ قانون جي ماتحت آهن، عام شهري وانگر جواب ڏيڻو پوندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته نيب خودمختيار ادارو آهي، جنهن قانون تحت ڪم ڪري رهيو آهي اهو پي ٽي آءِ جو نه پر ٺهيل مليو،  خاص معاون ڊاڪٽربابر اعواڻ چيو ته عدالتون ۽ قانوني ادارا سوال ڪن ته ان جو جواب ڏيڻو پوندو، اين آر او رليف جو نالو، بچاءُ جو پروگرام ۽ ڇوٽڪاري جو هڪ رستو آهي جنهن جي آڙ ۾ ٻن وڏين پارٽين اڳتي وڌڻ پئي چاهيو، اسان سياسي انتقام جا قائل نه آهيون پر احتساب جي عمل تان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ پٺتي نه ٿي هٽي سگهي، خواجه آصف سياسي انتقام جي پٺيان نه لڪي، پنهنجي مني ٽريل ٻڌائي ته جيئن سندس جان آجي ٿي سگهي، جيڪڏهن استعيفيٰ ڏيڻ چاهين ٿا ته پوءِ ضمني چونڊن ۾ حصو ۽ ضمني چونڊن جون تياريون ڇو ٿي رهيون آهن، فالودي، پاپڙ، کنڊ واري کان پوءِ چانور جي ڪارپوريٽ آفيس ۽ بزنس کان سواءِ  ئي هڪ سال ۾ 10 ڪروڙ رپيا ٻاهر ويا ۽ اڪائونٽ ۾ اچي ويا.مريم نواز چيو ته منهنجي والد کي اقامي ۾ غلط سزا ٿي آهي ان جي وضاحت ضروري سمجهون ٿا ته اقامو هڪ رهائشي پرمٽ کي چوندا آهن جيڪي قابل فخر پاڪستاني پورهيت آهن جيڪي ورڪ پرمٽ وٺي ٻاهر وڃي پنهنجي محنت سان ڪمايل دولت پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي جي طور تي موڪلين ٿا، انهن تي اسان فخر ڪريون ٿا. هن چيو ته سياسي اقامي، مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ ڪميشن جي ناجائز آمدني ملڪ کان ٻاهر ويندي آهي، اقامي کانپوءِ انهن کي پرڏيهه ۾اڪائونٽس کولڻ جي اجازت ملي وڃي ٿي، جعلي نوڪرين جا معاهدا ٿين ٿا، مقامي ناجائز آمدني ٻاهرئين ملڪ جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ جمع ٿئي ٿي ۽ ملڪ مان پئسو ٻاهر هليو وڃي ٿو. ماضي ۾ اعليٰ عهديدارن احسن اقبال، خواجه آصف سميت ٻين پارٽي جي ماڻهن کي اقامو حاصل ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي، اقامو حاصل ڪرڻ کانپوءِ پگهار بئنڪ ٽو بئنڪ يا چيڪ ذريعي پگهار ملي ٿي، پئسو ڪيش جي صورت ۾ فرنٽ مين کي ملي ۽ ان اڪائونٽ ۾ وجهي ۽ سمورن پئسن کي جائز ڪرائي وٺي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو