135

نواز شريف سان نه مليس ۽ نه ئي ان جو ڪو پيغام آندو آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته نه منهنجي نواز شريف سان ملاقات ٿي هئي ۽ نه ئي ان جو ڪو پيغام آندو آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته خبرون جيڪي مرضي سان هلايون ويون انهن جي مان نه ترديد ڪندس ۽ نه ئي تائيد ڪندس، مان ملڪ کان ٻاهر هئس ته براڊشيٽ وارو معاملو منهنجي سامهون آيو، ڪجهه مون به پڙهيو آهي، هي هڪ پيچيده معاملو آهي، مون کي اها خبر آهي ته برطانوي عدالت فيصلو ڏنو آهي، اهو يا ته حڪومت وٽ آهي يا نيب وٽ آهي، ان کان اڳ به جيڪي براڊشيٽ رپورٽون موڪليون اهي به نيب وٽ آهن. هن چيو ته اها به حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن سندس نالي سان پئسا ورتا آهن، حڪومت جيڪڏهن ڪنهن کي پئسا ڏيندي آهي ته هڪ ڪنٽريڪٽ تحت ڏيندي آهي ۽ ان شخص جو اڪائونٽ نمبر هوندو آهي جنهن ۾ پئسا ويندا آهن. هن چيو ته براڊ شيٽ واري معاملي تي تمام گهڻا سوال اٿي رهيا آهن، جڏهن ته ان ۾ 200 ماڻهن جا نالا آهن پر سڄو فوڪس نواز شريف تي آهي، نيب يا حڪومت ٻڌائي ته هن وقت تائين نواز شريف يا سندس ڪٽنب جي ماڻهن مان ڪيتري رڪوري ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو