132

نواز شريف فضل الرحمان کي لانگ مارچ جي ڪاميابيءَ لاءِ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي فون ڪري ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٿيل فون تي رابطي ۾ لانگ مارچ جي ڪاميابي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويو، نواز شريف لانگ مارچ ڪامياب ڪرڻ لاءِ فضل الرحمان کي ن ليگ پاران مڪمل سهڪار جو يقين ڏياري ڇڏيو. ٻنهي اڳواڻن سينيٽ چونڊن جي حوالي سان منظرعام تي آيل وڊيو کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سينيٽ چونڊن ۾ گڏيل حڪمت عملي تحت حصو ورتو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو