83

پيپلز پارٽي پاران ڪراچي تڪ اين اي 237 ۽ اين اي 245 تي ضمني چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان

پيپلز پارٽي پاران ڪراچي تڪ اين اي 237 ۽ اين اي 245 تي ضمني چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان


ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي  ڪراچي تڪ اين اي 237 ۽ اين اي 245 تي ضمني چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيوآ هي، اين اي 237 ملير لاءِ عبدالحڪيم بلوچ ۽ اين02اي 246 لياري تي سردار نبيل احمد گبول کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، زرداري هائوس ڪراچي ۾  پيپلز پارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اميدوارن تي باضابطه پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم پي اي فريال ٽالپر چيو ته  لياري ۽ ملير پيپلز پارٽي جو ڳرهه هو آهي ۽ رهندو، پنهنجو کسيل سيٽون ٻيهر واپس وٺنداسين، اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، وقار مهدي، سعيد غني، ناصر شاهه، نادر نبيل گبول، يوسف بلوچ، نجمي عالم، سلمان عبدالله مراد، ساجد جوکيو، سليم بلوچ، محمد يوسف بلوچ، راجا عبدالرزاق، محمود عالم ڄاموٽ، شاهينه شير علي، خليل هوت، نعمان شيخ، ڪرم الله وقاصي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو