36

نوان جتوئي ڀرسان گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي عورت پاران آپگهات جي ڪوشش، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل

نوان جتوئي (ن سوڀ) نوان جتوئي ويجھو درس پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جمع نوريو ۾ گھرو پريشانين کان تنگ ٿي اڌڙوٽ عورت مسمات ڌاڻو لنجار ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌي گھر  جي ڪمري جي ڇت جي ڪام (ڪاٺ) سان رسو ٻڌي خود ڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي گھر ۾ موجود ڀاتين دانھن ڪرڻ تي زخمي حالت ۾ بچائي ورتو ۽ درس پوليس کي اطلاع ڏنو، درس پوليس  ايس ايڇ او محمد اسلم سومرو اطلاع ملڻ شرط ڳوٺ جمع نوريو پھتو ۽ خود ڪشي ڪندڙ عورت مسمات ڌاڻو لنجار کي  کڻائي  اسپتال پھچايو، جتي ڊيوٽي تي موجود عملي عورت کي طبي امداد ڏني. ڊاڪٽرن مطابق عورت جي طبيعت وڌيڪ خراب ھئڻ سبب کيس نوابشاھ اسپتال ڏانھن موڪليو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو