ليکڪ: جاويد احمد شيخ
اڄڪلهه تعليمي ادارن ۽ نوجوان نسل ۾ منشيات جو استعمال هڪ فيشن بڻجي ويو آهي. سگريٽ نوشي، چرس، شيشو، آفيم پيئڻ جو رجحان عام آھي، اهو رجحان نه رڳو ڇوڪرن پر ڇوڪرين ۾ پڻ وڌي رهيو آهي. اهي انهن جي نقصان کان بي خبر آھن اهي منشيات جي استعمال کي فيشن، پيار ۾ ناڪامي ۽ پاڻ کي سڪون ڏيارڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن، عام طور تي نوجوان پنهنجي دوستن يا پاڻ سان ملندڙ جلندڙ وارن سان نشي جي شروعات ڪندا آھن اهي سمجهندا آھن ته اهي ڪجهه نئون ڪري رهيا آهن. پر اهي اهو نٿا سمجهن ته انهن جو اهو قدم انهن کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. امير ترين سماج جا نوجوان چرس ، هيروئن جي استعمال سان گڏو گڏ مختلف منشيات جون دوائون استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته وچولي طبقي جا نوجوان منشيات جون دوائون، چرس، گٽڪو، نسوار، ڀنگ ۽ سگريٽ استعمال ڪري رهيا آهن. گهڻن ئي نوجوانن جو تعلق تعليم يافته طبقي سان آهي ۽ اهي ئي نوجوان ملڪ جو اثاثو سڏيا ويندا آهن. انهن ادارن ۾ جتي مستقبل جا معمار تيار ٿين ٿا ۽ جتان وري ملڪ جا روشن مستقبل جا ستارا اڀرن ٿا اتي هاڻي منشيات پنهنجون ڪئمپون قائم ڪيون آهن. جنهن ڪري انهن جي تعليم ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي. ڇوڪرين ۾ شيشي جو استعمال هاڻي هڪ فيشن بڻجي چڪو آهي. اڄڪلهه پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ان خلاف آواز بلند ٿي رهيا آهن ته نوجوانن کي منشيات کان پري رکيو وڃي پر ان جي باوجود ان ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي. ھڪ نشي جو آدي شخص خطرناڪ درد ۾ جهليندي مرندو آھي، اها موت صرف ان جي نه آھي پر انهن جي پنهنجي خواهشن جي تمنائون جي موت آهي اسان جا نوجوان گهڻو ڪري سماجي رد عمل ۽ سٺي نموني تربيت نه هئڻ جي ڪري منشيات جي لعنت کي نه صرف اپنائي رهيا آھن پر ان سان گڏ اهي پنهنجي گهر وارن لاءِ تڪليف، درد ۽ ذلت جو سبب بڻجي رهيا آهن . جيستائين منشيات جي استعمال جا بنيادي سبب ختم نه ڪيا ويندا، تيستائين ان تي ضابطو نٿو رکي سگهجي ۽ جيستائين ماڻهن جي زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ذميوار شخصن پاران منشيات جي روڪٿام ۾ سنجيده ڪردار ادا نه ڪيو وڃي. تيستائين هن وقت تائين ان سنگين صورتحال تي قابو پائڻ مشڪل آهي، حڪومت، والدين ۽ استادن کي پنهنجي ٻارن جي تعليم، نگراني ۽ انهن کي منشيات جي استعمال جي خطرن کان آگاهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر نه ڇڏين، جيڪڏهن نوجوان نسل کي منشيات جي استعمال کي روڪڻ کان نه بچائي سگهياسين ته پوءِ ڪوئي به انهن کي تباهي کان نه بچائي سگهندو. انهن ادارن ۾ ٻارن جو ڪردار ۽ انهن جو مستقبل استادن وٽ ھڪ امانت هوندو آهي، انهن جي تربيت جو مڪمل خيال رکڻو پوندو ۽ رهنمائي ڪرڻي پوندي ۽ اهڙي ڪا به ڪثر نه ڇڏڻ گهرجي، جنهن سان ڪنهن شاگرد کي نشي جي عادت پئجي سگهي. نوجوان جيڪي اسان جي قوم جو مستقبل آهن ، جيڪڏهن اهي صحتمند ۽ تندرست نه آهن ته پوءِ اسان جو مستقبل ڇا هوندو؟ آئون هتي اختيارين کي اها التجا ڪندس ته تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪي ٺوس قدم کڻي مستقبل جي معمار نوجوانن کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ سندن والدين کي به اهڙي ذلت ۽ پريشان کان بچايو وڃي، جيڪڏهن روڪٿام لاءِ ڪي بهتر اپاءَ نه ورتا ويا ته اسان اڳ ئي تعليم جي ميدان ۾ دنيا جي ڀيٽ ۾ پوئتي آهيون، ائين نه ٿئي جو اسين منشيات واپرائڻ جي ميدان ۾ ته اڳتي هجون ۽ تعليم پرائڻ کان محروم رهجي وڃون، ڇاڪاڻ ته جيڪو نوجوان منشيات جو عادي بڻجي ويندو ته اهو تعليم تي بهتر نموني ڌيان نه ڏئي سگهندو ۽ اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ ڪجهه اهڙي ئي صورتحال آهي، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان معاملي کي سنجيده وٺي کي ٺوس قدم کنيا وڃن ته جيئن نوجوان نسل اهڙي موذي مرض کان بچي سگهي ۽ بهتر مستقبل جو ضامن بڻجي، نه ته ڪو وڏو الميو جنم وٺي سگهي ٿو ۽ اسان جي نوجوان نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.