25

نور مقدم ڪيس: جوابدار هوش ۾ هيو، جاچ ۾ حقيقتون سامهون اچي ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ اڳوڻي سفارتڪار جي ڌيءُ نور مقدم کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار ظاهر جعفر ڪهڙي طرح چالاڪي سان صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان حوالي سان جاچ ۾ وڌيڪ حقيقتون سامهون اچي ويون آهن، ذريعن موجب جوابدار نور مقدم کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي والد، دوستن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن سان رابطو ڪيو، ظاهر جعفر ڪنهن کي چيو ته ڦورو اچي ويا آهن، ڪنهن کي چيو ته منهنجي زندگي خطري ۾ آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار قتل بعد جلد ئي پنهنجي والد کي پهرين ڪال ڪئي، جنهن بعد جوابدار جي والد پنهنجي دوست کي ٻڌايوته ظاهر ڪجهه گڙ ٻڙ ڪري ڇڏي آهي، توهان ظاهر وٽ گهر پهچي وڃون، وڌيڪ جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ظاهر جعفر جي والد پٽ جي ڪال رسيو ڪرڻ بعد ٿراپي مرڪز جي ڊاڪٽر کي فون ڪئي ۽ فوري گهر وڃي ظاهر جعفر کي ڏسڻ جو چيو، ڊاڪٽر جي سوال ڪرڻ تي ظاهر جي والد چيو ته توهان سمجهدار آهيو، توهان سمجهي رهيا آهيو ته مان ڇا چئي رهيو آهيان، توهان وڃو، ذريعن موجب جوابدار آخري ڪال پنهنجي هڪ عورت دوست کي ڪئي ۽ ان کي به گهر اچن جو لاءِ چيو، پوليس موجب جوابدار مڪمل هوش ۾ هيو ۽ چالاڪي جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ان صورتحال مان نڪري وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو