اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قائدايوان سينيٽر شهزاد وسيم چيو آهي ته نيب هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن سياسي دٻاءُ کانسواءِ سڀني جي لاءِ احتساب جي عمل کي اڳتي وڌايو وڃي، اڄ احتساب جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي ته سڀني کي ان جي تائيد ڪرڻ گهرجي، عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ثابت ڪيو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، چاهي اهو حڪومت ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ نيب جي حوالي سان مخالف ڌر جي رٿ تي بحث دوران ڳالهائيندي ڪيو، شهزاد وسيم چيو ته نيب ۽ احتساب جو عمل يقينن هڪ اهم موضوع آهي ان تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، نيب تي تنقيد ٿي رهي آهي، هي اها ئي نيب آهي جنهن جو آغاز سيف الرحمان جي زماني ۾ ڪيو ويو ۽ هو مختلف شڪلون مٽائيندي اڄ به اسان جي سامهون موجود آهي، موجوده چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سميت نيب جو سڄو عملو اسان جي حڪومت جو لڳايل ناهي، بار بار اهو چيو ويندو آهي ته نيب کي استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته نيب هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اهو ڪنهن سياسي دٻاءُ کانسواءِ بنا ڪنهن فرق جي وڏن، ننڍن، طاقتور، ڪمزور، حڪومت، مخالف ڌر ۽ سڀني شين جو فرق ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي احتساب جي عمل کي اڳتي وٺي هلي، هن چيو ته جيڪڏهن اڄ احتساب جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي ته آئون سمجهان ٿو ته ان جي تائيد ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاناما کان وٺي خواجه آصف جي ڪيس تائين هڪ ئي پيٽرن اسان کي نظر ايندو آهي ته انهن ڪيسن ۾ الزام نه پر دستاويز آهن. انهن ڪيسن مان سوال اٿندا آهن ۽ انهن جا جواب اچڻ گهرجن ۽ جواب لاڳاپيل فورم ۽ جاچ ادارن سميت سپريم ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ اچڻ گهرجن پر بدقسمتي سان هڪ خاص طبقو پنهنجو پاڻ کي سدائين قانون کان مٿانهون سمجهندو پيو اچي، اهي سدائين پنهنجو پاڻ کي احتساب جي عمل کان ٻاهر سمجهندا هئا، پر عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، چاهي اهو حڪومت ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾، عمران خان جڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ هو ته ان جي خلاف ڪيس ٺاهيا ويا ته هن پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو، هن احتساب پنهنجي ذات کان شروع ڪيو، هڪ سال تائين عدالتن جي سامهون هو جواب ڏيندو رهيو، دستاويز ڏيندو رهيو ۽ آخر ڪار عدالت ان ڳالهه تي مجبور ٿي ته ان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو ويو، هن چيو ته گذريل دورن ۾ پئسي کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو ان جي بنياد تي اڪائونٽس کوليا ويا، اقامه حاصل ڪرڻ لاءِ ملازمت ڪرڻي پوندي آهي ته اسان ڏٺو ته هڪ ملڪ جي وڏن عهدن تي فائز ٿيڻ جي باوجود انهن ماڻهن پنهنجو پئسو بچائڻ لاءِ ننڍين ننڍين ڪمپنين ۾ ملازمتون اختيار ڪيون، هن چيو ته جعلي ڪمپنيون ۽ بوگس ڪمپنيون ٺاهيون ويون، بوگس ڪاروبار ۽ پنهنجي ملازمن جي نالن تي جعلي اڪائوٽس کولرايا هاڻي انهن کي انهن سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن، هن چيو ته اهي ادارن تي حملي ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي سرخرو ڪن ۽ سوالن جا جواب ڏين ۽ پنهنجي نالي کي ڪليئر ڪن نه ته جهڙي طرح پاڪستان جي عوام انهن کي رد ڪندي آئي آهي انهن جو مستقبل به تاريڪ هوندو، هن چيو ته سچ ڪڙو هوندو آهي آئيني ۾ پنهنجي شڪل ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ ڏٺي وڃي ته ان کي صحيح ڪرڻ گهرجي، نه وري آئينو ٽوڙيو وڃي، هن چيو ته هن هڪ نقاطي ايجنڊا جو مقصد چوري جي پئسي کي بچائڻ ۽ ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪرڻ آهي، هن چيو ته اسان 2021ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، پاڪستان جي عوام مينار پاڪستان جي ڇانو ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته هو ان بادشاهت جي سياست کي رد ڪري ٿي، هن چيو ته 2021ع جي سج سان گڏ استعيفائون به ردي جي ٽوڪري جي حوالي ٿي ويون، جيڪي استعيفائون اسپيڪر وٽ پهتيون اهي واريءَ جي ديوار ثابت ٿيون، چوندا هئا ته سينيٽ جي اليڪشن نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ ٻي طرف چون ٿا ته عمران خان کي سياست نٿي اچي ۽ اڄ انهي سينيٽ جي اليڪشن لاءِ هڪ ٻئي کان اڳ وٺي رهيا آهن. هن چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ٿيندي، پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت سان هن ايوان ۾ ايندي، نئين سال جو پهريون ڏينهن آهي اهو نئون سال پاڪستاني عوام جي لاءِ خوشحالي ۽ خوشين جي نويد وٺي ايندو ۽ 2020ع جي سج سان گڏ هن ملڪ ۾ هڪ ڪاري سياست جو باب ختم ٿيندو ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جون نيون منزلون حاصل ڪندو.
