88

نيوزيلينڊ جو فيصلو، سازشون سوڀاريون ڪرڪيٽ هارجي وئي

ايڊيٽوريل

پاڪستان ۾ 18 سالن کانپوءِ آيل نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سيڪيورٽي جي خدشن کي جواز بڻائي پاڪستان جو دورو اوچتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٽيمن وچ ۾ سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي، نيوزيلينڊ جي ٽيم 3 ڏينهن اڳ پاڪستان آئي هئي ۽ گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهريون ميچ ٿيڻو هو پر ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي نيوزيلينڊ جي ٽيم دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي اعلان سان نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ جي تماشائين ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي ۽ اهڙي عمل جي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ڪرڪيٽرن پڻ نندا ڪئي آهي، ان حوالي سان پي سي بي چيئرمين رميز راجا سيريز ختم ڪرڻ تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي سان مايوسي ٿي، مون کي، شوقينن ۽ رانديگرن کي افسوس ٿيو، هن چيو ته نيوزيلينڊ واپسيءَ جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو ۽ ڪجهه به شيئر نه ڪيو، ان کي هاڻ آءِ سي سي ۾ ڏسنداسين، پاڪستان جي گهرو وزير شيخ رشيد احمد نيوزيلينڊ ٽيم جي دوري کي ختم ڪرڻ کي سازش قرار ڏيندي چيو ته ان عمل ۾ دستانا پاتل هٿن سازش ڪئي آهي، هن چيو ته اسان کي ڪو به ٿريٽ نه مليو هو، اسان بنا تماشائين جي ميچ کيڏڻ جي آڇ ڪئي پر پاڻ ئي دورو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم به نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان ڳالهايو، هن چيو ته چئن مهينن کان نيوزيلينڊ پنهنجي سيڪيورٽي ٽيم موڪلي هئي، جنهن پڻ سيڪيورٽي ڪليئرنس ڏني هئي، اسان وٽ ڪو به مسئلو نه هو، نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جسينڊا آرڊن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ۾ نيوزيلينڊ ٽيم جي سار سنڀال تي ٿورو ادا ڪيو، سيريز نه ٿيڻ تي سڀني کي گهڻو افسوس آهي، ان ڳالهه جو اندازو آهي پر رانديگرن جي حفاظت لاءِ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ فيصلي جي حمايت ڪريان ٿي، اسان لاءِ رانديگرن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي. اسان سمجهون ٿا ته رانديگر يا فنڪار دنيا اندر پنهنجن پنهنجن ملڪن جا نه رڳو سفير هوندا آهن پر انهن جي اچ وڃ سان جتي امن ۽ ڀائيچاري جو ماحول پيدا ٿيندو آهي اتي راندين ۽ فن جي به ترقي ٿيندي آهي، ڏٺو وڃي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جو دورو ختم ڪرڻ وارو فيصلو پوري پاڪستاني قوم کي مايوس ڪري ويو آهي، پهرين ڳالهه ته نيوزيلينڊ کان اڳ به پاڪستان ۾ ٻيون ٽيمون کيڏي ويون آهن ۽ گڏوگڏ پاڪستان سپر ليگ ۾ سڄي دنيا جي رانديگرن سميت نيوزيلينڊ جا رانديگر به پاڪستان ۾ کيڏي ويا آهن، جيڪڏهن سيڪيورٽي جا مسئلا هجن ها ته اهي نه اچن ها، اسان سمجهون ٿا ته نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان دشمنن جي هڪ چال ۾ اچي اهڙو عمل ڪيو آهي، جنهن سان افواهه ۽ سازشون ته سوڀاريون ٿيون آهن پر ڪرڪيٽ هارجي وئي آهي، نيوزيلينڊ جي اهڙي عمل سان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي لکين مداحن جون دليون ٽٽي پيون آهن، ان ڪري تڪڙ ۾ ڪيل اهڙي فيصلي جو ازالو  ضروري آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ ٻن مهينن کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي وري آءِ سي سي شيڊول موجب پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي، اسان اميد ئي ڪري سگهون ٿا ته ان دوري ۾ رد ڪيل دوري واريون ميچون به شامل ڪري پاڪستانين کي ڏنل زخمن تي مرهم رکيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو