راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ خلاف ڀارت جي گيم پلاننگ سمجهه ۾ نه آئي، هن چيو ته اهم مئچ ۾ ايشان ڪشن کي اوپنر اماڻيو ويو، جڏهن ته ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما پنهنجي نمبر تي بيٽنگ نه ڪئي، جنهن ڪري سندن ڪارڪردگي تي فرق پيو، هن چيو ته ڀارتي ٽيم ان قدر خوف ۾ مبتلا هئي ته مڪمل 20 اوور به نه کيڏي سگهي، نيوزيلينڊ خلاف اهم مئچ ۾ ڀارت ڪو به گيم پلان ٺاهي ميدان ۾ نه لٿي هئي.
