116

نيوزي لينڊ بورڊ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي ٽيم واپس گهرائي ورتي، ٻئي سيريز ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيوز ي لينڊ ڪرڪيٽ  بورڊ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي ٽيم واپس گهرائي ورتي، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي  ٻئي سيريز ملتوي ٿي ويون، رپورٽ موجب پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ ڪالهه منجهند جو اڍائي وڳي راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ ٿيڻو هو، پاڪستان 18 سالن کانپوءِ پنهنجي سر زمين تي نيوزي لينڊ ٽيم جي ميزباني ڪرڻ جي لاءِ تيار هو ته اوچتو مهمان ٽيم جي ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي بهانو بڻائي ٽيم واپس گهرائي ورتي، نيوزي لينڊ جي ٽيم ۽ آفيشلز جي فل پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي، رانديگرن اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو هو، اوچتو نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٽيم کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ صبح جو ٻڌايو ته انهن کي سيڪيورٽي خدشن جي حوالي سان الرٽ مليو آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻو پيو، اسان دوري کي شيڊول مطابق جاري رکيو، سمورا اتنظام به مڪمل هئا، آخري لمحي ۾ نيوزي لينڊ جي فيصلي سان ڪرڪيٽ جي تماشائين کي مايوسي ٿي آهي، هر آڇ ڪئي پر قبول نه ڪئي وئي، هوڏانهن وزير اعظم عمران خان نيوزي لينڊ جي وزير اعظم جيسنڊا آرڊرن سان رابطو ڪيو، وزير اعظم کيس يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ نيوزي لينڊ جي ٽيم کي فل پروف سيڪيورٽي ڏني آهي، اسان جون انٽيليجنس دنيا جي بهترين انٽيليجنس ۾ شامل آهن، انهن جي راءِ ۾ نيوزي لينڊ جي ٽيم کي ڪنهن به قسم جو خطرو ناهي،ان موقعي نيوزي لينڊ جي وزير اعظم جيسنڊا آرڊرن ٽيم جي سار سنڀال لهڻ تي وزير اعظم جو ٿورو ادا ڪيو  ۽ چيو ته سيريز نه ٿيڻ تي سڀني کي ڪيترو افسوس آهي ان ڳالهه جو مونکي اندازو آهي، پر رانديگرن جي حفاظت جي لاءِ نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪريان ٿي، اسان لاءِ رانديگرن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي، ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نيوزي لينڊ ٽيم جي دوري کي سازش تحت ختم ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري شيخ رشيد چيو ته اسانکي ڪي به ٿريٽ نه مليا هئا، نيوزي لينڊ پاڻ دورو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اسان انهن کي تماشائن کان سواءِ کيڏڻ جي آڇ ڪئي، پر اهي راضي نه ٿيا، وزير اعظم به نيوزي لينڊ جي وزير اعظم سان ڳالهايو هو هن چيو ته نيوزي لينڊ چئن مهينهن کان سيڪيورٽي ٽيم موڪلي هئي، انهن سيڪيورٽي جي ڪليئرنس ڏني هئي، اسان وٽ انتظام مڪمل آهن، سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪو به مئسلو ناهي.      

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو