108

نيوزي لينڊ ٽيم ڳجهي ايجنسي ”فائيو آئيز“ جي رپورٽ تي دورو ملتوي ڪيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ڳجهي ايجنسي”فائيو آئيز“ جي رپورٽ تي پاڪستان جو دورو اوچتو ملتوي ڪيو هو، آڪلينڊ ۾ شايع ٿيندڙ اخبار ”نيوزي لينڊ هيرالڊ“ ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ڳجهي ايجنسي ”فائيو آئيز “ جي رپورٽ تي پاڪستان جو دورو اوچتو ملتوي ڪيو،پنجن ملڪن جي انٽيليجنس اتحاد ”فائيو آئيز“ ٽيم تي حملي بابت الرٽ جاري ڪيو هيو،ايجنسي ٻڌايو ته اسٽيڊيم جي ٻاهران نيوزي لينڊ جي ٽيم تي حملو ٿي سگهي ٿو، رپورٽ موجب ”فائيو آئيز“ جي انٽيليجنس رپورٽ کي نيوزي لينڊ ۾ تصديق ۽ ڀروسي وارو سمجهيو وڃي ٿو،اها ايجنسي نيوزي لينڊ، آسٽريليا، ڪينڊا، آمريڪا ۽ برطانيه جي ڳجهن ادارن تي ٻڌل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو