185

نيوزي لينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ پهريون 4 ڏينهن وارو ڪرڪيٽ ميچ ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ پهريون 4 ڏينهن وارو ڪرڪيٽ ميچ پي سي بي جي درخواست تي ملتوي ڪيو ويو آهي، مينيجڊ آئسوليشن ۾ رانديگرن جي پريڪٽس ۾ دير ٿيڻ سبب پي سي بي ميچ جي تاريخن ۾ تبديلي جي درخواست ڪئي هئي، قومي اسڪواڊ هاڻي ڪوئنز ٽائون ۾ انٽرا اسڪواڊ پريڪٽس ميچ کيڏندي. پاڪستان شاهين سوڌو قومي اسڪواڊ ۾ شامل سمورا ميمبر 8 ڊسمبر تي ڪوئنز ٽائون روانا ٿيندا، ڪوئينز ٽائون وڃڻ جي لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل هر ميمبر کي انفرادي طور تي نيوزيلينڊ جي صحت واري وزارت جي منظوري گهربل هوندي هن وقت سمورا ميمبر ڪرائسٽ چرچ ۾ پنهنجي آئسوليشن جو مدو پورو ڪري رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو