لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگي اڳواڻ خواجا آصف ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. بئريسٽر حيدر رسول مرزا ذريعي داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 29 ڊسمبر تي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو، پر نيب جاچ جي شڪايت ڪندڙ جو ڪوبه رڪارڊ عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو. خواجا آصف چيو ته نيب کي اڳ ۾ ئي ڪيس جو رڪارڊ ڏئي چڪو آهيان، احتساب عدالت جي جج به نيب وٽ سموري لاڳاپيل رڪارڊ هجڻ جي آبزرويشن ڏني، اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر وٽ اثاثن جا سمورا تفصيل موجود آهن، ان ڪري عدالت درخواست منظور ڪري.
