204

(ن) ليگ فيصلي کان اڳ ضمانت منظوري جو گوڙ ڪيو:شهباز گل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خصوصي معاون شهباز گل چيو آهي ته (ن) ليگ فيصلي کان اڳ ضمانت منظوري جو گوڙ ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز گل چيو ته شهباز شريف جي ضمانت منظور نه ٿيڻ تي هاڻي اهي ماڻهو روئي رهيا آهن، پي ٽي آءِ ڪنهن تي به اثر انداز نه پئي ٿئي،عدالتي فيصلن جو احترام ڪريون ٿا، شهباز خاندان وٽ 1998ع ۾ڏيڍ ڪروڙ رپيا هئا، 10 سالن ۾ 7 ارب 32 ڪروڙ ڪيئن ٺاهيا آهن، ان جو جواب ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو