167

هاڻوڪي حڪومتي دور ۾ هڪ ٻيو کنڊ جي چوري وارو اسڪينڊل سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) هڪ ئي حڪومت ۾ هڪ ٻيو کنڊ چوري وارو اسڪينڊل سامهون آيو آهي. پنجاب ۾ شگرملن پاران وڏي پئماني تي ڳجهه ڳوهه ۾ کنڊ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هڪ ٻيو کنڊ چوري وارو اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ ڪين ڪمشنر پنجاب پاران پنجاب حڪومت کي خط لکيو ويو آهي. ڪين ڪمشنر پنجاب پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪمند به ڳجهه ڳوهه ۾ خريد ڪيو پيو وڃي ۽ کنڊ چوري ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي، حڪومت کنڊ ۽ ڪمند جي چوري ۽ وڪري کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي. ٻئي پاسي شگرملز ايسوسيئيشن کنڊ جي وڌيڪ اگهه جو ذميوار مڊل طبقي کي قرار ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو