20

هاڻي ڪراچي جي سڀني ضلعن مان هڪ يونيفارم پاليسي تحت گند کڻڻ شروع ڪيو ويندو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون ۽ ماحوليات بابت وڏي وزير جي مشير بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هاڻي ڪراچي جي سڀني ضلعن مان هڪ يونيفارم پاليسي تحت گند کڻڻ شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۽ ڪورنگي ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي انتظام هيٺ گند کڻڻ لاءِ اسپين جي ڪمپني ۽ چيني ڪمپني سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون آهن.ترجمان سنڌ حڪومت بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سينٽرل ضلعي ۽ ڪورنگي ۾ گند کڻڻ لاءِ اسپين ۽ چيني ڪمپني سان معاهدي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته سينٽرل ضلعي ۽ ڪورنگي ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ تحت گند کڻڻ جو سلسلو هن مهيني شروع ٿيندو ۽ ويسٽ مئنيجمينٽ هاڻي ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ گند کڻڻ جو عمل شروع ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته سينٽرل ضلعي مان اسپين جي ڪمپني ۽ ڪورنگي ضلعي مان چيني ڪمپني سان گند کڻڻ جو معاهدو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ شهر ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم سائنٽيفڪ رخن تي منظم ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو