اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هلندڙ سال جي ٽئين قومي پوليو روڪ مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. اهڙو اظهار وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان پوليو جي روڪٿام واري مهم دوران پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته والدين پنهنجن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين. پوليو روڪ مهم 30 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين جاري رهندي. هن چيو ته اسان جو هدف 39 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ آهي، ٻه لک 85 هزار پوليو ورڪرز مهم ۾ ڀرپور حصو وٺندا. هن چيو ته حڪومت ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، والدين پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين. ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته گڏيل ڪوششن سان صحتمند ۽ پوليو کان پاڪ پاڪستان جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پوليو ورڪرز ڪورونا جي قاعدن ۽ ضابطن تي عمل ڪندي مهم هلائيندا، ماسڪ ۽ هينڊ سينيٽائيزرس جو استعمال ۽ سماجي وٿي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته ڪامياب پوليو مهم سان ٻارن جي مدافعتي سگهه ۾ اضافو ٿيندو، سمورن مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مهم جي ڪاميابي ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهرجي.
