54

هنجڙا هليا ويا ساجُهر سويرا! دادن فقير!

ليکڪ: علي دوست عاجز

هُو هيو به فقير ۽ سڏائيندو به فقير هو! سندس نالي پٺيان راءُ، رام، رئيس يا خان جهڙو ڪو لقب ڪونه هو. تنهن ڪري سڀ ڪو کيس دادن فقير سڏيندو هو. هو ڄائو به اڪيلو ۽ زندگي به اڪيلي گذاريائين!  مرڻ وقت به هن جي مٿان ڪو عزيز ڪونه هو! ڪو همدرد هوس، ته ميان غلام قادر سولنگي هو، جنهن جي دُڪان نما ڪمري ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينهن بنا مسواڙ جي گذاريائين، جو هُو سندس پيالي ڀائي به هو، ته حال ڀائي به! 19 آڪٽوبر 1979ع تي اهو چئي موڪلايائين ته:

دنيا کي سمجهي رستو اويڙو ڇڏي ڏنم،

عزت بچائي، بس متو ميڙو ڇڏي ڏنم!

فقيرن جو ورثو ڦاٽل گودڙيءَ کان سوا ڇا هوندو! سو هن فقير جي گودڙيءَ ۾ به رڳو ڪلام جا گوهر هئا، جن کيس عام ماڻهن ۾ مڃتا ۽ مقبوليت ڏني! شعر، ادب جي دنيا ۾ سوين نالا آھن، جن مان ڪي پنهنجي دور ۾ پنهنجي دنيا جا مشھور ۽ معروف سخنور رهيا، پر پوءِ انهن مان ڪي وقت گذرڻ سان گڏ گذري ويا، ڪن کي دور سدائين پڙھندو ۽ ٺپيندو رهي ٿو! دادن فقير اهڙن شاعرن مان هو، جن پنهنجو ڪلام ماڻهن تائين ڳوٺن، محفلن ۽ مشاعرن ۾ پڙھي توڙي ڳائي پهچايو. سندس ڪلام جو لهجو، توڙي ٻولي صفا سولي ۽ عام فھم آھي، جنهن ۾ بي حد گهڻي رواني ۽ ميٺاڄ آھي! سندس ڪلام جي قبوليت جو اندازو ان مان به ڪري سگهجي ٿو ته ان جو ڳچ حصو ماڻهن کي بر زبان ياد آھي! جن ۾ سڌيون، سياڻيُون، ڳالهيون، نصيحتون، نُقطا، تجربا ۽ مشاهدا نهايت سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آھن، جيڪي ٻُڌندڙن جي دل سان لڳي، زبان تي رهجي ويا آھن!

هنڌ دوستيءَ جي سودو هجي، پر کرو هجي!

لالچ جو رستو دوست سان بلڪل ڍرو هجي!

شرم ۽ حيا جو اک ۾، ذرا ڪجهھ ذرو هجي!

اهڙو نه کڻجي بار، جو وت کان ڳرو هجي!

دادن فقير وارھ تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ميان داد چنجڻيءَ ۾ 17 جنوري 1906ع تي جنم ورتو. هو ذات جو جويو هو. سندس والد محترم جو نالو ڌڻي بخش ھو! نصير آباد (لاڙڪاڻي) ۾ 23 سال رهيو، ان کان پوءِ راڌڻ (اسٽيشن) کي پنهنجو مسڪن بنايائين. سندس مشغلو شاعري ۽ موسيقي هو، جنهن سان دل ۽ ڏيهه کي پيو وندرائيندو هو!

گُل اھڙي طرح ٿا هوا ۾ لُڏن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نا ٿو ڪري!

هڪڙا ٿا هسن، هڪڙا ٿا رُسن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نا ٿو ڪري!

—-

اڄ ياد يار کي ڪري، ڳوڙھا ڳڙي پيا،

قسمت خراب پنهنجي، ٺھيل ڪم ڊھي پيا!

دلبر به منهنجو مون کان ويو، دل به منهنجي وئي،

ڏاڍو چڱو ٿيو، بار گهڻن تئُون لھي پيا!

هي سهڻن نظارن ۽ وڻندڙ ماڻھن ڏانهن ڇڪجي ويندو هو. انهن ڏانهن لڙي ويندو هو، جيڪي سندس گفتي جو قدر ڪندا هئا! هن جي هڪ دل به هئي، ان جي هڪ دلبرڙي به هئي! جا پڻ فنڪارا به هئي، ته سائي پلُر جي پياڪ به هئي! فقير سائين وڏيون مُڇون ۽ هلڪي ڏاڙھي رکندو هو. پٽڪو ٻڌندو هو، جنهن جو تُرو هيٺ تائين پيو لڙڪندو هوس! رنگ ڪڻڪائون هو، بُت ۾ هلڪو هو. ويتر جو ڇاتي جهلجي پيس، ته تنُ تنبورو ٿي پيو هوس! توڙي جو ماڻهن سان ٻانهُن ٻڌڻ واري واٽ ھئس ۽ ھڙ ۾ ڪي به ڪو نه هوس، تڏھن به خود داري وڃائڻ ڪانه ڏنائين! سچو، سادو، مخلص ۽ ھر طمع کان بي نياز هو! سندس پير اُگهاڙا هوندا هئا، پر سندس پيشاني اُجري هوندي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو