18

هوائي، سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙين جي آمدني واپار ۾ مئي 2021 دوران 616.1 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هوائي، سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙين جي آمدني واپار ۾ مئي 2021 دوران 616.1 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. انگن اکرن واري وفاقي اداري (پي بي ايس) جي انگن اکرن مطابق مئي 2020 دوران آمدني واپار جو حجم 6.46 ملين ڊالر رهيو هو پر مئي 2021 ۾ آمدني واپار جي ماليت 46.3 ملين ڊالر تائين وڌي وئي. اهڙي طرح مئي 2020 جي ڀيٽ ۾ مئي 2021 دوران هوائي، سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙين جي ملڪي آمدني واپار ۾ 39.84 ملين ڊالر يعني 616 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو