130

هو اسان لاءِ ته واقعي به پارس هو…

ليکڪ: امين لاکو

ڀائو چئي سڀني سان مخاطب ٿيندو هو، هن جون اکيون سدائين مرڪندڙ هيون، عمر جي آخري حصي ۾ سندس ڪنڌ جيتوڻيڪ ڪلهن تي لڙڪي آيو هو پر پوءِ به هن جي ڳالهين ۾ ڪڏهن پيري نه ڏٺي، ملوڪ مهانڊن وارو هي شخص زندگي جي 10 سالن کان هڪ گردو ختم هجڻ  ۽ ٻيو 80 سيڪڙو ڪم ڇڏي وڃڻ باوجود ڪڏهن به کٽ تي نه ويٺو، هو پنهنجي ٻالڪپڻ کان ويندي عمر جي آخري حصي تائين زندگي کي ڀرپور نموني جيئو، نه صرف پاڻ جيو پر ٻين کي به سدائين جيئڻ سيکاريو، سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪو ماڻهو حيدرآباد آيو ته هن جو مهمان ضرور ٿيو، اڪثر دوست هن وٽ ويهي فون ڪندا هئا ۽ پاڻ انهن کي کلي چوندو هو ته ڀائو امين کي ٻڌائي ڇڏيو هليو ايندو، هن جي در تان اسان کي سدائين دان مليو، اهو دانوير ۽ درياهه شخص اڄ اسان بابن شاهه قبرستان ۾ مڻين مٽيءَ هيٺان اڪيلو ڇڏي آياسين، عجيب اتفاق آهي ته پهرين جنوري سندس جنم ڏينهن آهي ۽ ان کان هڪ ڏينهن اڳ يعني 31 ڊسمبر تي هو هميشه لاءِ موڪلائي هليو ويو، سائين علي دوست عاجز هن جي تدفين وقت ان بابت چيو ته  ان کي چوندا آهن ته مرڻ کان اڳي ئي مري جي ڏٺوسين، ها پاڻ ڳالهه پيا ڪريون خانواهڻ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي ان البيلي ليکڪ پارس حميد جي جنهن زندگيءَ ۾ رڳو محبتون ميڙيون، سنڌ اندر قلمي قبيلي جي اڪثر ماڻهن لاءِ پارس حميد گهر جي ڀاتين وانگر هو، هو پاڻ به ته انسائيڪلوپيڊيا هو، هن وٽ هر خطي جي ليکڪن ۽ خطي بابت مجموعي ڄاڻ هوندي هئي، سنڌ جي ڪهڙي به علائقي جو ماڻهو جڏهن هن وٽ پهچندو هو ته پاڻ ان کان ڪنهن نه ڪنهن رائيٽر، اديب يا شاعر بابت ضرور پڇندو هو، نه صرف ايترو پر ان کان ڳوٺن ۽ علائقن بابت پڻ پڇندو هو ۽ ان کانپوءِ انهن بابت ائين ٻڌائيندو ويندو هو ڄڻ ننڍپڻ ئي اتي گذاري آيو هجي، پارس حميد جديد سنڌي نثري نظم جي بانيڪارن مان هو، هن جديد نثري نظم کي نه صرف نواڻ ڏني پر نئون انداز پڻ ڏنو، موضوعاتي حوالي سان سندس نثري نظم جديد نظمن جو اعليٰ نمونو آهن، هن نثري نظم جي گهاڙيٽن تي به تجربا ڪيا ۽ 50 سالن جي ادبي سفر ۾ هن جيتوڻيڪ گهٽ لکيو پر جيڪو به لکيو اهو ڪمال جو لکيو، ڪامريڊ نجم عباسي جي ڳوٺ ڀائي هن شخص ادب کي به پنهنجن ٻچن وانگر پيار ڪيو، سائين پارس پاڪستان کان 10 سال پوءِ جنم ورتو ۽ 63 سال عمر ماڻيائين ۽ ان عمر تائين هو نه صرف پيرين سيرين رهيو، پر انتهائي متحرڪ پڻ رهيو، 10 سالن کان انتهائي خطرناڪ مرض يعني گڙدا ختم ٿيڻ باوجود هن پاڻ کي ڪڏهن به ڊائلاسز تي نه رکرايو، اڪثر ڊاڪٽرن کيس ڊائلاسز جو مشورو ڏنو پر هن ان کي قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي وِل پاور سان هو مرض کي منهن ڏيندو آيو ۽ اهڙي تڪليف جي باوجود به هن ڪڏهن اهو محسوس نه ڪرايو ته هو بيمار آهي، سندس زندگيءَ سان ڀريل مرڪندڙ چهري تي سدائين اطمينان هوندو هو، جڏهن به ساڻس ملبو هو ته پيشانيءَ تي هلڪي گهنج سان گهري گهور وجهي زيرِ لب مسڪرائڻ واري ادا سڀني کي موهي وجهندي هئي، هو جيڏو وڏو اديب ۽ شاعر هو، ان کان به وڏو انسان هو، سندس تڏي تي مهمانن جا ميڙا هوندا هئا، ۽ جڏهن سندس پٽ نسيم پارس نه هوندو ته اڪثر مهمانن جي خدمت (سروس) پاڻ ڏيندو هو، ساڻس آخري ڀيرو ملاقات ڊسمبر جي مهيني ۾ ئي ٿي هئي، خيرپور مان منهنجو دل گهريو دوست انور پرديسي ۽ سچل چيئر جو سربراهه ڊاڪٽر مهر خادم حيدرآباد آيل هئا ۽ سائين وٽ ئي پهچي فون ڪيائون ته آئون اتي پهچي ويس، سائين سان جڏهن به ملبو هو ته ڪچهري ادب، صنفن ۽ ڪتابن تي ٿيندي هئي، سائين پنهنجي ذات ۾ انتهائي معتبر ماڻهو هو ۽ مون کي اڪثر عورت شاعرائن جا ڪتاب سائين وٽان تحفي ۾ مليا، ان ڏينهن به پاڻ خالي هٿين نه ڇڏيائون ۽ هڪ ٻه ڪتابن جون اعزازي ڪاپيون ڏنائون، ڪجهه وقت اڳ جڏهن سائين اياز ابڙي قاسم آباد ۾ ڪتابن جي سيل لڳائي ته اسان ٻئي اتي موجود هئاسين، اهو ادبي سنگت جي ٻنهي ڌڙن جي چونڊن جو وقت هو ۽ اياز ابڙي چيو ته اوهان ٻئي ٻنهي سنگتن جي چونڊ ڪاميٽين جا اڳواڻ گڏ ويٺا آهيو، فوٽو ٿا ڪڍون ته سائين مُرڪي مون کي پنهنجي پاسي ۾ ويهاري چيو ته اسان اختلافن وارا آهيون ئي ڪو نه اسان ته گهر جا ڀاتي آهيون، اوهان ڀلي فوٽو ڪڍي فيس بڪ تي رکي ڇڏيو. من وڙهڻ وارن کي به سمجهه اچي، سائين پارس اسان لاءِ وڏي وٿ هو، خاص ڪري مون کي ۽ مشتاق گبول کي هو پنهنجي ٻچن نعيم ۽ نسيم وانگر ڀائيندو هو ۽ اهو احساس رڳو اسان وٽ نه پر هن سان ويجهو رهندڙ هر ليکڪ وٽ آهي، ڇو ته هن جو رويو سڀني سان هڪ جهڙو ئي رهيو آهي، هن ماڻهو زندگي ۾ ڪڏهن به نفرتون نه پاليون، اهو ئي سبب هو جو هو آخري گهڙيءَ تائين خوش رهيو، هونئن به ڪجهه ماڻهو ڄڻ ته اسان مٿان خدا جا خاص ۽ ٻاجهارا هٿ هوندا آهن، سائين پارس حميد به اهڙو ئي ٻاجهارو هٿ هو، اهڙن ماڻهن جو دليون پاڻمرادو احترام ڪنديون آهن ۽ ڪن به ڇو نه، ڇو ته اهي ڪنهن ٻئي جي ته خبر نه آهي پر اسان لاءِ ته پارس ئي آهن. منهنجي خيال ۾ سندس نثري نظم جي فني ۽ فڪري پاسن تي لکڻ گهرجي، ڇو ته هن 50 سال ادب جي خدمت ڪئي آهي، بقول سائين علي دوست جي ته ”پارس حميد ادبي توڙي ذاتي زندگي جو درياهه هو. سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم کي، جيترو گهڻو space ملندو، پارس حميد ايترو وڌيڪ چِٽو نظر اچڻ لڳندو“.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو