28

هڪ صحتمند معاشرو جوڙڻ جي ضرورت…..

ليکڪ: سرمد جتوئي

اسان جي معاشري ۾ هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي، ڪو بيروزگاري سبب پريشان آهي ته وري ڪو مهانگائي سبب سخت مايوسي جو شڪار آهي، اهڙي صورتحال ۾ جتي ڪورونا وائرس جي وبا هر وقت انسان جي ڪنڌ مٿان ڪاتيءَ جيان لٽڪيل آهي، ته ٻئي طرف وري صحت جا ڪي جوڳا اپاءَ نه هجڻ سبب عوام سخت پريشانين کي منهن پڻ ڏئي رهيو آهي، ائين کڻي چئجي ته هر شخص هر وقت سخت مونجهاري ۽ مايوسي جو شڪار آهي، ان صورتحال ۾ اسان کي صحتمند رهڻ ۽  پنهنجي ايندڙ نسل جو مستقبل بهتر بڻائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جنهن ۾ نه رڳو حڪومت پر عوام جو ڀرپور ڪردار پڻ گهربل آهي، مٿي ڄاڻايل سمورين ڳالهين تي جيڪڏهن پاڻ باريڪ بيني سان غور ڪنداسين ته اسان کي پتو پوندو ته اسان وٽ مسئلا ته آهن، پر انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا ٺوس حڪمت عملي موجود نه آهي، جنهن سبب اهي حل ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، ان ڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اختيارين پاران مهانگائي تي ضابطو آڻڻ سميت غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي داد رسيءَ لاءِ ڪا نئين پاليسي جوڙي وڃي، جنهن سان نه صرف صحت جون بهتر سهولتون مهيا ٿي سگهن پر مهانگائي تي به ضابطو آڻي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن هڪ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي، عوام هڪ پرسڪون زندگي گذاري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو