192

پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جا چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، ڀرپور احتجاج جو اعلان، حق نه مليو ته اسان جو رخ اسلام آباد ڏانهن هوندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گلگت ۾ آر او آفيس سامهون چونڊ نتيجن خلاف پ پ پ پاران ڪيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، ووٽ جو تحفظ ڪندڙن حڪومت جو ساٿ ڏئي اپوزيشن کي مات ڏني آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن کي تڪراري بڻجڻ نه ڏينداسين، اسان چونڊ مهم جاري رکنداسين ۽ احتجاج جو سلسلو پڻ جاري رهندو، حق نه مليو ته اسان جو رخ اسلام آباد طرف هوندو، اسان کي سخت قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو