34

وارهه جو ڳوٺ محمد بخش ڇٽو اسڪول کان محروم، ٻارڙن جو مستقبل داءَ تي لڳل، احتجاج

وارھ (رپورٽ: ظھور حسين چانڊيو) وارهه ڀرسان ڳوٺ محمد بخش ڇٽو ۾ اسڪول نه هجڻ سبب سوين ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن. وارهه شھر کان 3 ڪلوميٽر جي فاصلي تي يوسي وارهه جي  ڳوٺ محمد بخش ڇٽو ۾ اسڪول نه هجڻ سبب سوين ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن. ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن بگو خان ڇٽو، مٺل ڇٽو، بخشل، انور ڇٽو،  مهڪ، زبيده، شائسته ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ ۾ اسڪول نه هجڻ سبب سوين ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آھن. هنن چيو ته تعليم کاتي جي عملدارن توڙي چونڊيل نمائندن کي بار بار لکت ۾ درخواست ڪرڻ باوجود اسڪول ناهي ملي سگهيو، جنهن سبب هن جديد دور ۾ به ٻار تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آھن. هنن وزير تعليم سعيد غني، ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ جاويد جاگيراڻي ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شھر جي ڀرسان قائم ڳوٺ محمد بخش ڇٽو کي اسڪول جي عمارت ڏني وڃي ته جيئن ٻار تعليم جهڙي زيور سان مالا مال ٿي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو