210

وارهه ۾ نينگر گهرو اڻبڻت تان مبينا طور زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) 14 ورهين جي نينگر پيءُ سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. وارھ تعلقي جي ڳوٺ ٺل جي رهواسي 14 ورهين جي علي رضا خاصخيلي گهر اندر پيل ڪوئا مار دوا پي ڇڏي. نينگر کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ آندو ويو جتي علاج دوران نينگر فوت ٿي ويو. ان موقعي تي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته نينگر علي رضا پنهنجي والد علي بخش خاصخيلي سان معمولي ڳالهه تان ڪاوڙجي ڪوئا مار دوا پي ڇڏي. جنهن کي  فوري طور تي اسپتال کڻائي آياسين پر هو فوت ٿي ويو هوڏانهن نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو