اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو ملهائيندي ان جي علمبردارن کي واديءَ جنت ۾ بيگناهه انسانن سان بدترين ظلم ۽ انهن جي بنيادي حقن جي سنگين پائمالين جو نه رڳو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي پر ڀارت ۽ قابض ڀارتي فوج کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان دنيا جي سڀ کان وڏي جيل جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. عورتون، ٻار، بزرگ پنهنجي ئي گهرن ۾ قيد آهن، ڪميونيڪشن بليڪ آئوٽ ۽ سخت ترين پابنديون لڳل آهن. انسانيت جي خلاف ڀارتي ڏوهن کي روڪرائي ۽ ڪشميرين جي بنيادي حقن جي تحفظ سان ئي ان ڏينهن جي عالمي ساک وڌائي سگهجي ٿي.
