19

واپڊا جي لاپرواھي، ڪنري ڀرسان بجلي جي ڪريل تارن ٻن پورهيتن جي حياتي کسي ورتي

ڪنري (ويب ڊيسڪ) واپڊا سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي عملدارن جي لاپرواھي ۽ نااھلي سبب ڪنري ڀرسان دڙيلو موري جي ڳوٺ پيارو خان چانڊيو ۾ گھرن جي ڀرسان ٻنيءِ ۾ ڪپھه جي فصل ۾ پورھيو ڪندڙ ٻن پورھيتن 50 ورھين جو محمد اشرف چانڊيو ۽ 35 ورھين جو عبدالطيف چانڊيو بجلي جي 11 ھزار وولٽيج جي تارن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب وچڙي سڙي فوت ٿي ويا، اطلاع تي آسپاس جا ڳوٺاڻا ۽ پوليس پڪٽ پڪوموڙ جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي، وارث لاش گھر کڻائي ويا، جتان ٻنھي پورھيتن جا لاش تعلقي اسپتال ڪنري آندا ويا، جتي پوسٽمارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي بعد دڙيلو ۾ شٽربند ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، فوتي پورھيتن جي وارثن دودو چانڊيو، آدم چانڊيو، ڪريمان، لائق، لال خان، داڻو شاھ بيگ چانڊيو، خان محمد چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي الزام ھنيو ته بجلي جون تارون گذريل 6 مھينن کان زمين تي پيل آھن، جنھن جو اسان واپڊا جي عملدارن ايس ڊي او واپڊا، ايڪسيئن ۽ ٻين کي بار بار شڪايتون ڪيون پر تارون درست نه ڪرڻ سبب اڄ اسان جا 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، ھنن الزام ھنيو ته واپڊا وارن پنھنجا پرائيويٽ ماڻھو رکيا آھن،جيڪي تارن کي چاڙھيندا ۽ لاھيندا آھن، جڏھن ته واپڊا ملازم اچڻ لاءَ تيار ناهن ۽ گھر ويٺي پگھارون کڻڻ ۾ مصروف آھن، ھنن چيو ته واپڊا جا نجي ماڻھو رشوت وٺي بجلي کي درست ڪندا آھن. جڏھن ته ڄاڻايل زمين ۾ تارون 6 مھينن کان پيل ھيون، پر ڪير به ٻڌڻ نه وارو آھي، ھنن الزام ھڻندي چيو ته واقعي جا واپڊا جا نجي ملازم صبحان رند، اصغر لاشاري، لائين سپريڊينٽ فلڪ رحمنٰ، منور احمد، لائين مين اشرف رند ۽ ٻيا زميوار آھن، جنن جي نااھلي سبب اسان جا ماڻھو فوت ٿيا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل سمورن ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو