272

وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو، آصف علي زرداري اونهو سياستدان آهي، اهو وقت اچڻ تي پتا کيڏندو آهي، اڳواٽ ڪنهن کي خبر ئي ناهي هوندي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي پي ڊي ايم جو 31 ڊسمبر وارو الٽيميٽم رد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ جيڪڏهن پي ڊي ايم سنجيده آهي ته 31 ڊسمبر تائين سندن استعيفائون قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر وٽ پهچي وڃن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم چوي ٿي ته حڪومت سان ڳالهين جو وقت گذري چڪو، ڌمڪين سان ڳالهه نه هلندي، اهو رويو جمهوريت کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، تاريخ کان سبق سکو، بلاول کي جيڪڏهن سکڻو آهي ته پنهنجي نانا کان سکڻ گهرجي، ڀٽو صاحب پنهنجي خلاف ٿيندڙ تحريڪ کي چيو ته اچو ويهي ڳالهايو، سياست ۾ هٺ ڌرمي ناهي هوندي، اوهان هميشه رستو ڳوليو ٿا. هن چيو ته لاهور ڊڪلريشن سامهون آيو، جنهن ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون ويون ته 31 جنوري تائين وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي، اسان اوهان جي الٽيميٽم کي رد ڪريون ٿا، وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو، اسان کي هڪ ڪروڙ 70لک ووٽ مليا آهن، وزيراعظم ڇو استعيفيٰ ڏئي؟ عمران خان چوي ٿو ته اسيمبلي کي ٽوڙيو بلڪل نه ويندو، ملڪ جو نظام رانديڪو ناهي جنهن سان کيڏيو وڃي، نئين چونڊن جو مطالبو غير جمهوري ۽ غير اخلاقي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو